Wednesday , April 24 2024

پنج سال اڳ قتل ڄاڻايل عورت ٻن ٻارن سوڌو والدين وٽ پهچي وئي، کيس وڏيري پاران پنجاب ۾ وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف

ميرپور ماٿيلو (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلو جي عيدگاهه پاڙي ۾ پنج سال اڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڄاڻايل عورت نور خاتون جيئري نڪري پئي آهي، عورت ٻن ٻارن سان گڏ وارثن وٽ پهچي انڪشاف ڪيو آهي ته وڏيري کيس پنجاب ۾ ٽڪن تي وڪرو ڪري زبردستي شادي ڪرائي ڇڏي هئي، جتان مڙس جي مرضي سان وارثن وٽ آئي آهي. ميرپور ماٿيلو جي عيد گاهه پاڙي ۾ قتل ڄاڻايل ناري نور خاتون جيئري نڪتي آهي. عورت نور خاتون 5 سالن کانپوءِ پنهنجي گهر واپس موٽي آئي آهي. اُن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نور خاتون چيو ته کيس مقامي وڏيري نذير احمد پنجاب جي شهر ۾ وهاڙي ۾ ارشاد نالي شخص کي 5 لک رُپين عيوض وڪرو ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته خريد ڪرڻ بعد پنجاب واسي مون سان شادي ڪئي،. هن چيو ته ارشاد مان کيس ٻن ٻارن جو اولاد به آهي. مڙس ۽ پنهنجي مرضيءَ سان مڙس وٽان واپس موٽي آئي آهيان. آئون هاڻ پنهنجي والدين سان گڏ رهندس، چاهيان ٿي ته مڙس به مون سان گڏ هتي رهي. ناري جي والد محمد شريف ڇڄڻ چيو ته علائقي جي وڏيري نذير احمد، سندس ساٿين بشير احمد، حضور بخش ۽ ٻين ڪارنهن جو الزام مڙهي اغوا ڪيو، تڏهن چيو ويو ته سندس ڌيءُ کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اسان سندس قتل جو ڪيس به داخل ڪرائي ڇڏيو هو. هن چيو ته ڌيءُ کي ڪلهوڙا برادري جي هڪ نوجوان سان ڪارو قرار ڏنو ويو هو. ٻئي پاسي ميرپور ماٿيلو پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي 2015 ۾ اغوا ڪري گُم ڪيو ويو هو، ڪيس ۾ وڏيري نذير جو موقف ڏنل آهي، جنهن ۾ اُن وقت وڏيري چيو ته ناري کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو اٿس. پوليس موجب ناري جي وارثن جي فرياد تي وڏيري سوڌو 8 جوابدارن خلاف قتل ۽ لاش گُم ڪرڻ جو قتل ڪيس ٿيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *