Saturday , April 20 2024

پنجن ڏينهن تائين ملڪ کي مفلوج ڪندڙ ٽي ايل پي سان وفاقي سرڪار ۾ معاهدو ڪري ورتو، ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ڌرڻا هڻي سڄي ملڪ کي مفلوج ڪندڙ تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) سان ڳالهيون ڪري لکت ۾ معاهدو ڪري ورتو آهي، آسيه بي بي جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي، حڪومت پاران گرفتار ڪارڪن آزاد ڪرڻ سميت 4 شرط قبول ڪري ورتا آهن، ڪراچي مان ڌرڻا ختم ملڪ جي ٻين شهرن مان به احتجاجا ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. وفاقي سرڪار ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان وچ ۾ احتجاج ختم ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، ٻنهي ڌرين وچ ۾ 5 نڪاتي معاهدو طئي ڪيو ويو آهي جنهن تحت عاسيه بي بي جو نالو  اي ايس ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، پنج نڪاتي معاهدي ۾ طئي ڪيو ويو ته آسيه مسيح جي ڪيس ۾ نظرثاني درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جيڪو مدعي جو قانوني حق به آهي ۽ ان تي حڪومت کي ڪو به اعتراض نه هوندو.  معاهدي موجب آسيه بي بي جو نالو ايِ سي ايل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.معاهدي ۾ چيو ويو آهي ته آسيه مسيح جي بريت خلاف تحريڪ ۾ جيڪڏهن ڪي شاهديون مليون ته ان تي فوري طور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.معاهدي موجب آسيه بي بي جي بريت خلاف 30 آڪٽوبر کان شروع ٿيل ڌرڻن دوران جيڪي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن انهن کي آزاد ڪيو ويندو.معاهدي ۾ چيو ويو ته هِن واقعي دوران جنهن جي به دل آزاري يا ڪنهن کي تڪليف ٿي آهي ته ٽي ايل پي ان تي معافي گهري ٿي. معاهدي تي وفاقي سرڪار، پنجاب حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ جي ٽيم جَي ٻن ٻن نمائندن صحيحون ڪيون. معاهدي تي حڪومت پاران مذهبي معاملي واري وفاقي وزير صاحبزادا ڊاڪٽر نور الحق ۽ قانون واري صوبائي وزير راجه بشارت جڏهن ته ٽي ايل پي طرفان پير افضل قادري ۽ مرڪزي ناظم اعليٰ محمد وحيد نور صحيح ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *