Thursday , April 18 2024

نيب پنجاب جي سينئروزير ۽ عمران خان جي ويجهي ساٿي عليم خان کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب لاهور ڪرپشن الزامن هيٺ پنجاب جي سينئر صوبائي وزير ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويجهي ساٿي عبدالعليم خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. عليم خان کي اڄ نيب لاهور آفشور ڪمپنين واري ڪيس ۾ پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو هو. نيب لاهور هيڊڪوارٽرز ۾ عليم خان کان نيب اختيارين 3 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين پڇاڳاڇا ڪندي رهي. ميڊيا رپورٽس مطابق عليم خان نيب عملدارن جي پڇيل ڪيترن ئي سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو. ان سلسلي ۾ نيب  ذريعن جو چوڻ آهي ته، عليم خان خلاف آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ ۽ آفشور ڪمپني بابت پڇاڳاڇا لاءِ کيس ٻيو ڀيرو گهرايو هو، نيب جي گهرائڻ تي هُو نيب آڏو پيش ٿيو، جتي کائنس لاڳاپيل ڪيسن بابت پڇاڳاڇا ڪئي وئي. 3 ڪلاڪن تائين نيب پنجاب جي سينئر وزير عليم خان نيب پاران آفشور ڪمپني ۽ آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ بابت ڪنهن به سوال جو مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو.

عليم خان جڏهن سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيو ته کائنس آخري سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان پنهنجي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت ڪرائي آهي، جنهن تي عليم خان انڪار ڪندي چيو ته هن ڪا به ضمانت ناهي ڪرائي. نيب عملدارن پاران ضمانت نه هجڻ جي پڪ ٿيڻ بعد عبدالعليم خان کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ نيب پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، عبدالعليم خان کي سڀاڻي نيب ڪورٽ لاهور ۾ پيش ڪري سندس رمانڊ حاصل ڪيو ويوندو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب لاهور جي اختيارين سومر واري ڏينهن نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال کي ٻڌايو هو ته، عليم خان کي آفشور ڪمپني ۽ ملڪيتن واري ڪيس ۾ پڇاڳاڇا لاءِ گهرايو آهي، جيڪڏهن هُو سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو. نيب ذريعن موجب چيئرمين جاويد اقبال به ان جي اجازت ڏيندي هدايت ڪئي هئي ته عليم خان کي گرفتار ڪيو وڃي پر ڪنهن به قسم جي ڪا قانوني هِچَ نه ڇڏي وڃي جنهن سان نيب جي ساک خراب ٿئي.

پنجاب جي سينئر وزير عبدالعليم خان گرفتاري کانپوءِ وزارت تان استعيفيٰ وڏي وزير عثمان بوزدار کي اماڻي ڇڏي آهي. ان بابت پنجاب جي صوبائي وزير فياض چوهاڻ جوڳ چوڻ آهي ته عليم خان وزارت تان استعيفيٰ ناهي ڏني، عليم خان جي گرفتاري بابت جلد پارٽي پاليسي بيان جاري ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *