Friday , March 29 2024

پرڏيهي وزير ۽ نواز شريف جو ويجهو ساٿي خواجا آصف به تاحيات نااهل ٿي ويو

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ، نواز شريف جو ويجهو ساٿي ۽ وفاقي پرڏيهي وزير خواجا آصف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. خواجا آصف تي يو اي اي جي هڪ ڪمپني کان پگهار وٺڻ ۽ اقامون رکڻ جي الزام هيٺ صادق ۽ ا،مين نه هجڻ تي نااهل قرار ڪيو ويو آهي. فيصلو ٻڌائڻ وقت خواجا آصف جي وڪيل سميت ٻين ڌرين جا وڪيل ۽ اُهي پاڻ به موجود هئا. عدالت فيصلو 10 اپريل تي محفوظ ڪري ڇڏيو هو، فيصلو ٻڌائڻ وقت درخواستگذار عثمان ڊار، فواد چوڌري ۽ ٻين کانسواءِ وڪيلن ۽ صحافين جو به وڏو انگ عدالتي ڪمري ۾ موجود هو، پر خواجا آصف سميت ن ليگ جو ڪو مرڪزي توڙي مقامي اڳواڻ عدالت ۾ موجود نه هو.

خواجا آصف جي نااهلي لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي درخواست تي اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار اقامي جي بنياد تي پرڏيهي وزير خواجا آصف جي نااهلي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ لارجر بئنچ جا دليل مڪمل ٿيڻ ۽ دستاويزن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. عدالت حڪم ڏنو هو ته جيڪڏهن ان ڪيس ۾ ڪجهه تحريري شيون جمع ڪرائڻيون آهن ته ڪرائي ڇڏيو، ان تي خواجا آصف جي وڪيل ڪمپني جو خط جمع ڪرايو هو. جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته سندس موڪل جنهن ڪمپني جو ليگل ايڊوائيزر آهي، ان جو نمائندو عدالت ۾ پيش ٿي بيان ڏيڻ لاءِ تيار آهي. خط موجب خواجا آصف ڪمپني جو فل ٽائيم نه پر پارٽ ٽائيم ملازم آهي. عدالت سمورن دستاويزن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ انهن کي محفوظ ڪري ورتو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *