Saturday , April 20 2024

”ڦاهي کان اڳ پرويز مشرف فوت ٿي وڃي ته لاش 3 ڏينهن ڊي چوڪ تي ٽنگيو وڃي“ : جسٽس وقار احمد سيٺ

پرويز مشرف کي موت جي سزا،169صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري

هاڻي پرويز مشرف وڃي ته ڪاڏي وڃي، سنگين غداري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت انتهائي غداري ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، فيصلي جي تقصديق ٿيل ڪاپي گهرو کاتي جي خصوصي نمائندي حوالي ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي درخواست تي گهرو کاتي جي خصوصي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي آهي. خاص عدالت جي 169 صفحن تي مشتمل فيصلي جي ڪاپي پرويز مشرف جي نمائندي جي به حوالي ڪري ڇڏي آهي. مختصر فيصلي ۾ عدالت اڳوڻي آمر پرويز مشرف تي غداري ڪيس ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي. خاص عدالت پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ خاص عدالت جي هڪ جج، جسٽس جسٽس وقار، ان فيصلي ۾ اهو به لکيو ته ”جيڪڏهن مجرم يعني پرويز مشرف ملڪ نه ٿو اچي ۽ پرڏيهه ۾ ئي طبي موت وفات ڪري ٿو وڃي ته پوءِ به سندس مڙهه ملڪ آڻي ان کي ڊي چوڪ (اسلام آباد) تي ٽي / 3 ڏينهن تائين ٽنگيو وڃي“. جنهن سان جسٽس شاهد ڪريم اختلاف ڪندي چيو آهي ته ائين نه ڪيو وڃي. تفصيلي فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 6 تحت هي پهريون ڪيس آهي جن هن جو فيصلو ٻڌايو پيو وڃي. سنگين غداري ڪيس ۾ جوابدار خلاف ٺوس شاهديون موجود آهن. تفصيلي فيصلي موجب جوابدار (پرويز مشرف) خلاف لڳايل الزام ٿابت ٿيا آهن، جن جي ڌار ڌار سزا ڏني پئي وڃي، استغاثا پاران پيش ڪيل شاهديون ملزم کي مثالي سزا ڏني وڃي ٿي. جسٽس نذر اڪبر جو اختلافي نوٽ ۾ چيو آهي ته استغاثا پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، انڪري جوابدار يعني پرويز مشرف کي سنگين غداري جو ملزم قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ۽ ان کي بري ڪجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *