Wednesday , April 24 2024

پرويز مشرف وري ڏيهه واپسي جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) غداري ڪيس ۾ عدالت کي گهربل پرويز مشرف وري وطن واپسي وارو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام نه ملڻ جي خدشي سبب ڏيهه واپس ورڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف لاءِ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا آحن پر هُو واپس اچڻ نه ٿو چاهي. ذريعن موجب پرويز مشرف پاڪستان ۾ پنهنجي ويجهي ساٿين ۽ عزيزن کي پنهنجي فيصلي بابت آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي جي لاءِ گهرو وزارت تي هرگز اعتماد نٿا ڪري سگهون، سيڪيورٽي تي اطمينان هئڻ تائين پروي مشرف کي واپسي جي صلاح نٿا ڏئي سگهون.

پرويز مشرف وطن واپس اچڻ نه ٿو چاهي، سيڪيورٽي رڳو بهانو آهي: گهرو وزير احسن اقبال

پرويز مشرف جي وطن واپسي وارو پروگرام ملتوي ٿيڻ تي رد عمل ظاهر ڪندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته، پرويز مشرف جي وطن واپسي تي کيس مڪمل سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ لاءِ انتظام ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته پرويز مشرف وطن واپس اچڻ ئي نه ٿو چاهي انڪري هُو مختلف بهانا ڪري نٽائي رهيو آهي. احسن اقبال وڌيڪ چيو آهي ته، پرويز مشرف غداري ڪيس ۾ عدالت کي گهربل آهي، اڪبر بگٽي قتل ڪيس به مٿس هلندڙ آهي؛ کيس گهرجي ته هُو وطن واپس اچي عدالتن کي منهن ڏئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *