Wednesday , April 24 2024

پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جو فيصلو روڪيو؛ پي ٽي آءِ عدالت پهچي وئي

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اڄ صبح جو ٻڌڻي ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت ۽ پرويز مشرف جي وڪيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 6 تحت ڪيس جو ماتحت عدالت پاران محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ کان روڪڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله پاران پنهنجي سربراهي ۾ 3 ججز تي مشتمل بئنچ جوڙي وئي آهي. چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني گتي ٻڌل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ وفاقي حڪومت ۽ پرويز مشرف جي درخواستن تي صبح جو ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

وفاقي گهرو وزارت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته، ماتحت عدالت پاران پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. فيصلو ٻڌائڻ کان عدالت کي روڪڻ جو جواز ڄاڻائيندي گهرو وزارت پنهنجي موقف ۾ وڌي چيو آهي ته، پراسيڪيوشن ٽيم جي سربراهه اڪرم شيخ جي استعيفيٰ کانپوءِ مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن ٽيم کي ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو، 23 تاريخ تي ڊي نوٽيفاءِ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ باوجود 24 آڪٽوبر تي پراسيڪيوشن ٽيم نه رڳو ڪيس جي پيروي ڪئي، پر لکت ۾ دليل به پيش ڪيا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي گهرو کاتي کي پراسيڪيوشن ٽيم غير فعال ڪرڻ جو اختيار آهي، تنهن ڪري پراسيڪيوشن ٽيم کي لکت ۾ دليل جمع ڪرائڻ ۽ ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو اختيار نه هو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ انتهائي غداري واري ڪيس جو فيصلو روڪرائڻ لاءِ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو آهي ته، خصوصي عدالت کي مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪيو وڃي. مشرف جي وڪيل به موقف اختيار ڪيو ته خصوصي عدالت ۾ سندس اصيل کي دفاع ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو آهي، پرويز مشرف سان قانون موجب رويو رکيو وڃي ۽ مشرف کي صفائي ڏيڻ جو موقعو ملڻ تائين فيصلو جاري ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پرويز مشرف جي وڪيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته مشرف کي دفاع کان محروم ڪندي فيصلو محفوظ ڪرڻ بابت 19 نومبر وارو حڪم نامو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ۽ خصوصي عدالت کي فيصلو ٻڌائڻ کان روڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *