Wednesday , April 24 2024

پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري انٽرپول ذريعي گرفتار ڪيو:خاص عدالت

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کيس انٽرپول ذريعي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، وفاقي سرڪار وري عدالتي حڪم تي عمل هڪ هفتي لاءِ معطل ڪري ڇڏيو آهي. پرويز مشرف خلاف آرٽيڪل 6 تحت غداري ڪيس جي ٻڌڻي دوران دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت / اَي ٽي سي ۾ ٻڌڻي ٿي. عدالت جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف کي انٽرپول ذريعي گرفتاري جو حڪم ڏنو.

عدالتي ڪارروائي دوران اڳوڻي صدر جي وڪيل اختر شاهه عدالت ۾ موقف ڏنو هو ته سندس موڪل عدالت ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته بچاءَ واري وزارت کيس سيڪيورٽي فراهم ڪري. هن عدالت کي اپيل ڪئي ته عدالت مشرف جي وڪيل کي چيو ته جيستائين هو پاڻ سرينڊر نه ٿو ڪري ايستائين ان جي سيڪيورٽي بحال نٿي ٿي سگهي. وڪيل اڪرم شيخ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پرويز مشرف کي واپس آڻڻ ۽ گرفتاري لاءِ مختلف قدم کڻي سگهجن ٿا، جن ۾ ان جو پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ به معطل ڪري سگهجي ٿو. عدالت وڪيل کي حڪم ڏنو هو ته 7 ڏينهن ۾ گهرو وزارت سيڪيورٽي لاءِ درخواستون ڏئي ۽ درخواستون نه ڏنيون ويون ته عدالت حڪم جاري ڪندي. خانگي ٽي وي موجب دهشتگردي ٽوڙ عدالت غداري ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت اڳوڻي صدر پرويز مسرف کي گرفتار ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته گهرو وزارت پرويز مشرف جو شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ معطل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي ۽ اڳوڻي صدر جي ملڪيت جي ضبطگي جي لاءِ به قدم کنيا وڃن. عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ پاڪستان عرب امارات وچ ۾ جوابدار جي حوالگي لاءِ ٺاهه به عمل ۾ آندو وڃي ۽ ان جي گرفتاري لاءِ انٽرول کان مدد ورتي وڃي. عدالت وفاقي حڪومت جي هن وقت تائين قدمن تي ڳڻتي جو اظهار پڻ ڪيو.ٻئي پاسي پرويز مشرف ڏيهه اچڻ جو اعلان ڪندي بچاءَ واري وزارت کان فول پروف سيڪيورٽي جو مطالبو پڻ ڪيو آهي. هوڏانهن وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف ڏيهه اچڻ جي خاطري ڪرائي آهي. کيس هڪ هفتي جي مهلت ڏيون ٿا، جيڪڏهن پوءِ به نه آيو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *