Saturday , April 20 2024

پرويز مشرف به عمران خان جو حامي،ريحام جي ڪتاب تي ڪاوڙ

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳو ڻو آمر ۽ صدر پرويز مشرف به پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو حامي ظاهر ٿي پيو آهي، هن ريحام خان جي ڪتاب کي ن ليگ جي منصوبابندي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائانيدي پرويز مشرف چيو ته ريحام خان جو ڪتاب ن ليگي منصوبو آهي، جنهن مقصد عمران خان کي نقصان پهچائڻ آهي. مختلف سوالن جا جواب ڏيندي پرويز مشرف چيو ته، هاڻي به نواز شريف جو سرڪاري مشينري تي اثر رسوخ آهي . سندس چوڻ هو ته هو ڪراچي ۽ چترال مان اليڪشن وڙهڻ جو ارادو رکي ٿو. هن چيو ته اسد دراني جو را جي سربراهه سان گڏجي ڪتاب لکڻ کل جوڳو آهي، اها سٺي ڳالهه آهي ته، اسد دراني جي ڪتاب تي پاڪ فوج اسد دراني خلاف ايڪشن وٺي رهي آهي. هن چيو ته حڪمران پنهنجي فائدي لا3 قانون ٺاهيندا آهن .سندس چوڻ هو ته نامزدگي ڪاغذ ۾ ڪرپٽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ تبديلي ڪئي وئي آهي .مشرف چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس نواز شريف تي هلي رهيا آهن .هن چيو ته نواز شريف خلاف ڪو به سازش ناهي ڪري رهيو پر هو پنهنجي خلاف پاڻ سازش ڪري پيو .سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ڪيسن سان منهنجي ڀيٽ نه نه ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *