Thursday , April 18 2024

پاڻي ماهر ادريس راجپوت سيڊا جو چيئرمين مقرر

ڪراچي ( رپورٽ اصغر آزاد:  سنڌسماءَچار) سنڌ جي نگران وڏي وزير پاڻي ماهر ادريس راجپوت کي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي،عام انتظامن واري کاتي اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي خدمتن ۽ عام انتظامن واري کاتي پارزن جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته، نگران وڏي وزير فضل الرحمان جي منظوري سان محمد ادريس راجپوت کي سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو حڪم فوري طور لاڳو سمجهيو وڃي.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار پاران رابطو ڪرڻ تي ادريس راجپوت ٻڌايو ته، کيس سيڊا جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙو نوٽيفڪيشن ملي ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ضروري ڪم ڪار مان واندو ٿيڻ بعد سيڊا جي چيئرمين جي چارج هڪ ٻن ڏينهن ۾ وٺندس.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *