Friday , March 29 2024

پاڪ فوج جو ڪم ملڪ جو دفاع ڪرڻ آهي؛ ڪمرشل سرگرميون ڪرڻ نه: چيف جسٽس ميان ثاقب نثار

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل جي ڪيس جي ٻڏڻي دوران سوال ڪيو آهي ته، ڇا هائوسنگ سوسائٽيز بڻائڻ فوج جو ڪم آهي؟ ڪهڙي ملڪ جي فوج هائوسنگ اسڪيمون هلائي رهي آهي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فوج جو ڪم آهي هو سرحدن تي ملڪ جي حفاظت ڪري سندس اهو ناهي ته هو ڪمرشل سرگرمين ۾ حصو وٺي. هن چيو ته ڇا ڊي ايڇ اي اِهو سڀ ڪجهه اسان جي شهيدن لاءِ ڪيو، ڊي ايڇ اي شهيدن جي لاءِ ڪجهه ڪري ها ته اُها ٻي ڳالهه هجي ها. چيف جسٽس چيو ته ڊي ايڇ اي جي نالي تي ماڻهن سان ڌوڪو ڪيو ويو آهي، انساني حقن واري سيل ۾  ان دوکي بابت 1 لک 9 هزار درخواستون آيون آهن. ان موقعي تي عدالت ٻڌڻي دوران ڪجهه دير جو وقفو ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته ڊي ايڇ جي وڪيل موقف پيش ڪندي چيو ته، ان منصوبي ۾ سندس نالو محدود هو، هي 25 هزار ڪينال جو منصوبو هو، ڊي ايڇ اي پنهنجو نالو منصوبي ۾ 30 سيڪڙو شيئر جي عيوض وڪرو ڪيو.  جنهن تي چيف جسٽس عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا هائوسنگ سوسائٽيز بڻائڻ فوج جو ڪم آهي؟ ڪهڙي ملڪ جي فوج هائوسنگ اسڪيمون هلائي رهي آهي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته فوج جو ڪم آهي هو سرحدن تي ملڪ جي حفاظت ڪري سندس اهو ناهي ته هو ڪمرشل سرگرمين ۾ حصو وٺي. هن چيو ته ڇا ڊي ايڇ اي اِهو سڀ ڪجهه اسان جي شهيدن لاءِ ڪيو، ڊي ايڇ اي شهيدن جي لاءِ ڪجهه ڪري ها ته اُها ٻي ڳالهه هجي ها. ان موقعي تي هن ٻيهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن ٻئي ملڪ جي فوج اِهو ڪندي آهي؟ جنهن جو جواب ڏيندي ڊي ايڇ اي جي نمائندي ٻڌايو ته ملائيشين فوج هائوسنگ سوسائٽيز جو ڪم ڪندي آهي. نمائندي جي جواب تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان رڳو هڪ ئي ملڪ جي فوج جو ماڊل اختيار ڪيو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن جڏهن توهان هائوسنگ اسڪيمن ۾ ويا توهان جو نالو خراب ٿيو، توهان جيڪي زمينون خريديون اُهي تڪراري هيون ۽ ائين ڪري توهان پنهنجي ساک به وڪڻي ڇڏي. چيف جسٽس، جسٽا ثاقب نثار ڍيو ته، ائين لڳي ٿو ته توهان ماڻهو (ڊي ايڇ اي وارا) بيواهن ۽ شهيدن کي ڍال طور استعمال ڪري پنهنجو واپار هلائيندا آهيو ۽ انهن جي نالي تي رائلٽي وٺندا آهيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان اِهو ئي حڪم ڏيون ٿا ته ڊي ايڇ اي زمين حاصل ڪري ۽ ايڊن هائوسنگ سوسائٽي ڪيس جي متاثرن کي 3 مهينن ۾ پلاٽ ڏئي ۽ جيڪي رهيون بڻجن ٿيون اُهي ادا ڪيون وڃن. ان دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ايڊن هائوسنگ جيتري ايراضي ڏني ان جي ادائيگي ٿيڻ گهرجي ۽ جائز رقم جو تعين ڪري ادا ڪئي وڃي. بعد ۾ عدالت ڊي ايڇ اي ۽ ايڊن گارڊن هائوسنگ سوسائٽي جي وچ ۾ سمورا معاهدا ڪالعزم قرار ڏئي ڇڏيا، گڏوگڏ عدالت معاملو حل ڪرڻ جي لاءِ عملدرآمد بينچ بڻائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته گهوٻين جي الزام ۾ نيب جي حراست هيٺ جوابدار لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪن جڏهن ته ايڊن هائوسنگ طرفان وڪرو ڪيل 11 هزار فائلن کي ڊي ايڇ اي 5 سال ۾ تعمير ڪري ڏئي. سپريم ڪورٽ پاران ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) ۽ ايڊن هائوسنگ سوسائٽي جي وچ ۾ سمورا معاهدا ڪالعدم قرار ڏنا ويا. گڏوگڏ عدالت متاثرن کي ڪجهه ريليف ڏيڻ جي لاءِ حڪم ڏنو ته ايڊن هائوسنگ طرفان وڪرو ڪيل 11 هزار پلاٽن کي ڊي ايڇ اي 5 سالن ۾ تعمير ڪندو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ايڊن هائوسنگ اسڪيم بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ايڊن گارڊن هائوسنگ اسڪيم مان 11 هزار 7 سئو 16 ماڻهو متاثر ٿيا ۽ انهن جي نالي تي لاهور جي 60 هزار ماڻهن کي ڦريو ويو جڏهن ته جيڪي ان اسڪيم جي پٺيان هئا اُهي 13 ارب رپيا ڦري ڀڄي ويا. چيف جسٽس چيو ته عدالت کي متاثرن جي حقن جو ازالو ڪرڻو آهي. ماڻهن کي خبر هئڻ گهرجي ته انهن جا حق ڪيئن متاثر ٿي رهيا آهن. عدالت متاثرن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *