Friday , March 29 2024

پاڪ فوج، عدليا ۽ ججز خلاف خبرون، تقريرون ۽ ٽاڪ شوز نه هلايو: پيمرا جي ٽي وي چئنلز کي هدايت

ڪراچي (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيمرا ٽي وي چئلنز کي هدايت ڪئي آهي ته، فوج، عدليه ۽ ججز خلاف ٽاڪ شوز، پريس ڪانفرنسز ۽ سياسي اڳواڻن جي تقريرن کي سنڌو سئنون نشر نه ڪيا وڃن. اهڙو هدايت نامون نيوز ۽ حالات حاضره وارن ٽي وي چئنلز جي نگراني ۽ رجسٽريشن سميت مختلف معاملا ڏسندڙ اداري پيمرا ٽي وي چئنلن کي اهڙا ٽاڪ شوز ۽ نيوز ڪانفرنسز کي سڌوسئنون ٽي وي تي هلائڻ / لائيو نشر کان روڪڻ بابت آفيشل ٽويٽر اڪائونٽ تي هڪ جاري ڪيل پيغام ذريعي ڪيو ويو آهي. پيمرا پنهنجي پيغام ۾ چيو ويو آهي ته، جن ۾ اعليٰ عدليا ۽ فوج خلاف غير مناسب ٻولي استعمال ڪئي وڃي ٿي، ڪجهه ٽي وي چئنلن تي اعليٰ عدليا جي ججن جو نالو وٺي مٿن تنقيد ڪئي وئي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مختلف وقتن تي ملڪي اعليٰ عدليا به ان معاملي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ٽي وي چئنلن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪي آهي پر ان باوجود ڪجهه ٽي وي چئنل اهڙين هدايتن کي نظرانداز ڪندي عدليا ۽ فوج بابت تڪراري بيان نشر ڪندا رهيا. پيمرا پنهنجي تازي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي وي چئنلن تي زور ڀريو آهي ته لائيو نشريات دوران چڙ ڏياريندڙ ۽ تڪراري بيانن توڙي تقريرن کي نشر ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ هر چئنل هڪ سينيئر تي ٻڌل نگران ڪميٽي قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ لائيو نشر ٿيندڙ پروگرام کي ڪجهه وقفي سان نشر ڪرڻ جو طريقي ڪار به اختيار ڪري. پيمرا سمورن ٽي وي چئنلن لاءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا بابت ضابطن جي پابندي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙ چئنلن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *