Wednesday , April 24 2024

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، صنعتون به کُلڻ لڳيون

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ لڳو، لاڪ ڊائون تي به عمل نه ٿيو

ڪراچي (رپورٽ:آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان پاران 15 اپريل کان ڪيل جزوي لاڪ ڊائون کانپوءِ گڊز ٽرانسپورٽ ۽ اڏاوتي صنعتون کوليون ويون آحن، جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ به تيزي اچي وئي آهي، 20هين اپريل تي 24 ڪلاڪن دوران ملڪ اندر وڌيڪ 425 ڪرونا جا نوان ڪيس رجسٽر ڪيا ويا آهن، سنڌ ۾ به 220 کان وڌيڪ نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ  جي تصديق ڪئي وئي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 176 ٿي ويو. ملڪ ۾ قاتل ڪرونا وائرس تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي، ڌڙا ڌڙا نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ ۾ وڌيڪ 425 ڄڻن کي وائرس جي تصديق کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 8 هزار 418 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ فوتين جو انگ 176 ٿي ويو. سنڌ ۾ 2 هزار 537، پنجاب ۾ 3 هزار 721 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. بلوچستان ۾ 432، ڪي پي ڪي ۾ 1235، گلگت بلتستان ۾ 236، آزاد ڪشمير ۾ 49، اسلام آباد ۾ 181 ڄڻن کي وائرس جي تصديق ٿي وئي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب، سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 425 ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. جڏهن ته 17 ڄڻا فوت ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 873 ڄڻن جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، جنهن کانپوءِ هيل تائين هڪ لک 4 هزار 302 ڄڻن جون ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *