Tuesday , April 16 2024

پاڪستان ۾ ڪرونا جا ٽن هزارن کان وڌيڪ ڪيس خانگي اسپتالن ۾ هجڻ جو انڪشاف

نجي اسپتالن پاران ماڻهن کي ڊيڄاري ڪرونا هجڻ کي لڪائڻ لاءِ راضي ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) پاڪستان جي خانگي اسپتالن ۾ 3 هزارن کان وڌيڪ ڪرونا وائرس جي مريضن جي تصديق ٿيڻ جو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، سيالڪوٽ، پشاور ۽ ڊيرا غازي خان جي نجي اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ هيل تائين 3000 هزارن کان وڌيڪ مريضن جي تصديق ڪئي وئي آهي، جيڪي انگ اکر سرڪاري سطح تي ظاهر ناهن ڪيا ويا. ملڪ ۾ ڦهليل وبائي ڪرونا وائرس بابت اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، ڪرونا وائرس پکڙجڻ کان هيل تائين ملڪ جي مختلف وڏين اسپتالن، مختلف شهرن جي ننڍين وڏين نجي ڪلينڪس ۾ داخل ٿيندڙ ڪرونا ۾ مبتلا شڪي ماڻهن جي ٽيسٽنگ ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن کي ڪرونا جي تصديق ٿئي ٿي انهن کي نجي اسپتالن مختلف بهانن سان مرض ظاهر نه ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪجهه وڏين اسپتالن هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري ڪرونا جي مريضن کي لڪائي انهن کان وڏي رقم عيوض آئسوليشن ۾ رکڻ جي منصوبابندي ڪئي، جنهن ۾ اُهي ماڻهن کي مرض ظاهر ڪرڻ تي حڪومتي سخت پابندين جو به ڊڄ ڏنو وڃي ٿو. ذريعن موجب اهڙا مريض، ڪراچي، حيدر آباد، سکر، اسلام آباد، لاهنور، ڪوئيٽا، فيصل آباد، ڊي آءِ خان، پشاور، بنون، رحيم يار خان ۽ ملتان جي خانگي اسپتالن ۽ ڪلينڪس ۾ داخل آهن، انهن مان ڪيترن ئي مريضن پاڻ کي گهرن اندر به آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *