Thursday , March 28 2024

پاڪستان ۾ ڏاج خلاف سوشل ميڊيا تي ”جهيز خوري بند ڪرو“ مهم مقبوليت ماڻڻ لڳي

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) پاڪستان ۾ ڏاج خلاف سوشل ميڊيا تي “جهيز خوري بند ڪرو” مهم مقبوليت ماڻڻ لڳي، گڏيل قومن جي عورتن بابت پاڪستان چيپٽر پاران شروع ڪيل مهم ۾ شوبز جون شخصيتون شامل، اداڪار هٿن تي ڏاج خلاف نعري واريون مهرون لڳائي تصويرون شيئر ڪري رهيا آهن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز چيو آهي ته ڏاج لاءِ ڪنواريتن کان مطالبو ڪرڻ يا کين تنگ ڪرڻ اسلامي تعليمات جي ابتڙ آهي. گڏيل قومن جي عورتن جي تحفظ بابت اداري جي پاڪستان چيپٽر پاران ڏاج جي روايت خلاف سوشل ميڊيا تي “جهيز خوري بند ڪرو” جي عنوان سان هڪ مهم شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا مقبوليت ماڻڻ لڳي آهي.

مهم ۾ شوبز ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون به حصو وٺي رهيون آهن.ڏاج / جهيز خوري بند ڪرو مهم تحت اداڪار ۽ مختلف شخصيتون پنهنجي هٿن تي جهيز خلاف نعري تي ٻڌل مهرون لڳرائي اهي تصويرون سوشل ميڊيا جي ويب سائيٽس تي شيئر ڪري رهيون آهن. جهيز خوري بند ڪرو جو هيش ٽيگ به ٺاهيو ويو آهي. قانون ۽ انصاف بابت پارلياماني سيڪريٽري بئرسٽر مليڪا علي بخاري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هر سال 2 هزار کان وڌيڪ عورتون ڏاج نه کڻي اچڻ سبب تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻجن ٿيون. هن چيو ته معاشري ۾ اهڙن روين ۽ رسمن خلاف جاڳرتا جي ڀرپور مهم هلائڻ جي ضرورت آهي. انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري رابعا جويري آغا جو چوڻ آهي ته پيءُ ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي شادي ۾ پنهنجي وت ۽ وس آهر ڏاج ۾ جيڪڏهن ڪجهه سامان ڏين ٿا ته اهو درست آهي پر ڪنهن به مرد کي اهو حق نه آهي ته هو پنهنجي ٿيندڙ زال يا سندس والدين کان ڪو مطالبو ڪري. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبلا اياز به چيو آهي ته اسلام ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏئي ته ڏاج نه ملڻ تي عورتن کي توهين يا تذليل جو نشانو بڻايو وڃي. هن چيو ته ڏاج لاءِ ڪنوار يا سندس مائٽن تي دٻاءُ وجهڻ اسلامي تعليمات جي بلڪل ابتڙ آهي. (يوسف جوکيو جي ٿورن سان)

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *