Wednesday , April 24 2024

پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايف بي آر جو ” اعزازي چيئرمين “ مقرر

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌ سماءَچار) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ جي معاشي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکندڙ اداري، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو عازازي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آحي، وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ معاشي ماهر شبر زيدي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي تبديلي سرڪار ملڪي تاريخ ۾ هڪ وڏو فيصلو ڪندي، ملڪ جي معاشي طور ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪندڙ اهم اداري ايف بي آر جو نئون چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي سرڪار تاريخ ۾ انوکو فيصلو ڪندي شبر زيدي کي بنا پگهار جي ”اعزازي / آنرري“ چيئرمين مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ ايف بي آر جي چيئرمين لاءِ ايف بي آر جي سينئر ترين سنڌي آفيسر احمد مجتبيٰ ميمڻ جي نالي تي به غور ڪيو ويو هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، احمد مجتبيٰ ميمڻ جي ايف بي آر چيئرمين ٿيڻ جي جهانگير ترين، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل،  ۽ ٻين اڳواڻن سخت مخالفت ڪئي هئي. جنهن بعد عمران خان انتهائي اهم شخصيتن جي صلاح تي شبر زيدي جي نالي جي منظوري ڏني.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *