Friday , April 19 2024

پاڪستاني عوام آمريڪا جي فلسطين بابت فيصلي جي مذمت ڪري ٿو: وزيراعظم شاهد خاقان عباسي

استنبول (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته مسلمانن جي ڀلائي او آءِ سي جو گڏيل روڊ ميپ هئڻ گهرجي، مسلمان ملڪن کي آزاد فلسطين رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ترڪي جي شهر استنبول ۾ مسلمان ملڪن جي سهڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته آمريڪا طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ تسليم ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي هو ان جي مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته اسرائيلي فوج گذريل 70 سالن کان فلسطينين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ ڀارت به گذريل 70 سالن کان غيرقانوني طور والاريل ڪشمير تي قبضو ڪري ويٺل آهي. سندس چوڻ هو ته هو پاڪستاني عوام طرفان آمريڪي فيصلي جي سخت مذمت ڪري ٿو، هن وقت سمورو پاڪستان فلسطيني عوام سان گڏ آهي. شهاد خاقان عباسيآمريڪا کان پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عالمي برادري والاريل بيت المقدس کي فلسطين جي گادي وارو شهر تسليم ڪري. سلامتي ڪائونسل  بيت المقدس جي معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. مسلمان امت ۽ او آءِ سي جو واحد ۽ گڏيل روڊ ميپ هجڻ گهرجي، اسان کي آزاد فلسطيني رياست لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يروشليم تڪرار ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ 3 سفارشون به  پيش ڪندي چيو ته، سلامتي ڪائونسل هن معاملي تي سنجيده ناهي ته مسئلي کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اٿارڻ گهرجي. اسرائيل فوج جو ڏاڍ ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسلامي سهڪاري تنظيم اقتصادي طور تي به دٻاءَ وجهي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ٽِين سفارش پيش ڪندي چيو ته فلسطين مسئلي کي انصاف جي عالمي عدالت ۾به اٿاري سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *