Friday , March 29 2024

پاناما ڪيس: گڏيل جاچ ٽيم وزيراعظم جي پٽ کان پڇاڻو شروع ڪري ڇڏيو،حسين نواز مهلت گهري ورتي: ذريعا

JIT members 01

سپيريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ جوڙيل، گڏيل جاچ ٽيم وزيراعظم ميان نواز شريف جي پٽ حسين نواز کان لنڊن فليٽس، آف شور ڪمپنين جي ملڪيتن، فنڊن جي منتقلي، ننڍي ڄمار ۾ پيءُ کي ڏنل قيمتي (ڳري رقم) تحفن بابت پڇاڻو شسروع ڪري ڇڏيو آهي. جاچ ٽيم حسين نواز 18 سوالن تي جوڙيل سوال نامون حسين نواز جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ حسين نواز عدالت کان ڪجھ ڏينهن جي مهلت گهري آهي، جي آءِ ٽي کي 30 مئي تائين مهلت ڏئي ڇڏي آهي.

جي آءِ پاناما مامري جي ٻڌڻي جاچ ٽيم جي سربراهه واجد ضياءُ جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ نيب، اسٽيٽ بئنڪ، سيڪيورٽي ايڪسچينج پاڪستان، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ مان نامزد ٿيل  سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. جي آءِ ٽي وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز کي طلب ڪيو هو، حسين نواز پنهنجي وڪيل فضل غني سان گڏ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيو. فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ ٿيل اجلاس دوران حسين نواز جي پيشي وقت وڏي انگ ۾ نواز ليگ جا ڪارڪن، اڳواڻ، پوليس جا اهلڪار پهتل هئا، ٻن ڪلاڪن تائين حسين نواز جي آءِ ٽي سامهون سوالن جا جواب ڏيندو رهيو. جي آءِ ٽي جي ڪارروائي بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، جي آءِ ٽي حسين نواز کان لنڊن جي فليٽن جي ملڪيت، فليٽن جي  خريداري جي تاريخ، لنڊن جي ملڪيت بابت سندس ٽي وي انٽرويوز جا تفصيل، نيلسن ۽ نيڪسول آف شور ڪمپينن جي ملڪيت توڙي سندس ڪاروبار ۽ ڪاروبار شروع ڪرڻ وقت سندس عمر، سندس  ڏاڏي ميان شريف کان وراثت ۾ مليل ملڪيت بابت ڪيترائي سوال ڪيا ويا.

ذريعن موجب حسين نواز پاڻ ۽ پنهنجي وڪيل  ذريعي جاچ ٽيم آڏو ابتدائي طور ڪجھ سوالن جا جواب ڏنا پر هن  جاچ ٽيم کي ٻڌايو آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ جاچ ٽيم جي ٻن ميمبرن تي اعتراض وارڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ فڪسڊ ٿي چڪي آهي. اڄ انهي درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي، بهتر آهي ته انهي ڏس ۾ عدالتي فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي، ذريعن ٻڌايو آهي ته حسين نواز جاچ ٽيم کي چيو آهي ته مون کي بنا ڪنهن سوال نامي يا طور طريقي کان آگاهي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي، مون کي جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تياري ڪرڻي آهي، انهي ڪري مهلت ڏني وڃي، آئون جاچ ٽيم جي هر سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ذريعن ٻڌايو جاچ ٽيم هڪ سوال نامو به حسين نواز حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نه رڳو سپريم ڪورٽ جا اٿاريل سوال آهن پر انهي حڪم نامي جي روشني ۾ تيار ڪيل ضمني سوال به موجود آهن، ٻه ڪلاڪن جي بحث مباحثي، سوالن جوابن کانپوءِ حسين نواز کي 30 مئي تائين جي مهلت ڏني وئي، جاچ ٽيم جو چوڻ هو ته اميد آهي ته هو سمورن سوالن جا تفصيلي جواب ڏيندو، جيئن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي شفاف جاچ کي اڳتي وڌائي سگهجي، انهي کان پوءِ جاچ ٽيم ڪالهوڪي ڪارروائي ختم ڪئي، جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کانپوءِ حسين نواز ڪجھ گھڙين لاءِ ٻاهر نڪتو پر وري واپس جوڊيشل اڪيڊمي جي لان ۾ بيهي گاڏي جو انتظار ڪندو رهيو. سندس وڪيل جي هدايت تي حسين نواز جي گاڏي جوڊيشل اڪيڊمي جي اندر وئي، جنهن کانپوءِ حسين نواز ميڊيا سان ڳالهائڻ بنا ئي پوئين دروازي کان ٻاهر نڪري هليو ويو، ٻئي طرف حسين نواز جو چوڻ هو ته جنهن ميمبر جو طور طريقو غلط هوندو، آئون اعتراض ڪندس، مون کي 24 ڪلاڪن جي نوٽيس تي گھرايو ويو، ڪو سوالنامو نه ڏنو ويو آهي، وزيراعظم نواز شريف جي پٽ حسين نواز جوائنٽ انوسٽيگيشن ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي اها خبر ناهي ته جاچ ٽيم جي جاچ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي، آئون لاهور ۾ هئس ته  مون کي 24 ڪلاڪن ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس ڏنو ويو، انهي ڪري هتي پيش ٿيو آهيان، جڏهن حسين نواز کان اهو سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان کي جاچ ٽيم جي رڳو ٻن ميمبرن تي اعتراض آهي يا ٻين تي به اعتراض آهي؟ جنهن تي حسين نواز وراڻيو ته مون ڪنهن شخص تي نه پر انهن جي طور طريقن تي اعتراض آهي، جنهن جو به ڪنڊڪٽ خراب هوندو انهي تي اعتراض ڪندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جاچ ٽيم نه مون کي ڪو سوال نامو ڏنو آهي نه وري  مون کان ڪو دستاويز گهرايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *