Saturday , April 20 2024

پاناما ڪيس جو 57 ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو اڄ منجهند 2 وڳي ٻڌايو ويندو.،اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي سخت، ريڊالرٽ جاري

Panama 6

پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ مشهوري ماڻيندڙ ڪرپشن ڪيس جو 57 ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو اڄ منجهند 2 وڳي ٻڌايو ويندو.

وزيراعظم ن ليگ جي ڪارڪنن ۽ عمران خان پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي اسلام آباد اچڻ کان منع ڪري ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پاناما ڪيس محفوظ ڪيل فيصلو اڄ مجنهند جو ٻڌايو ويندو، جنهن جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران ڪيس جي ڌرين پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ عوامي مسلم ليگ جي شيخ رشيد کي فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت اچڻ بابت نوٽيس جاري ڪيا هئا، جيڪي نوٽيس ڏيکاري هُو سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي سگهندا. سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پاران ٻين ڌرين، وڪيلن، ۽ مختلف پارٽين جي اڳواڻن توڙي ميڊيا جي نمائندن لاءِ مخصوص پاسز جاري ڪيون آهن، انهن پاسز کانسواءِ ڪير به اڄ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿي نه سگهندو.

ٻي طرف وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي هدايتن تي ريڊ زون سميت سپريم ڪورٽ ۽ ٻين هنڌن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ريڊ زون کانسواءِ اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ به سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

Panama 3

ياد رهي ته، پاناما ڪيس جي ٻئي مرحلي جي ٻڌڻين بعد سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ پاران 23هين فيبروري 2017 تي محفوظ ڪيو ويو هو.

پاناما ڪيس جون شروعاتي ٻڌڻيون سپريم ڪورٽ جي ان وقت جي چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ قائم لارجر بئنچ ڪيون، جنهن ۾  جسٽس اعجاز افضل، جسٽس گلزار احمد،جسٽس عظمت سعيد شيخ ۽ جسٽس اعجاز الحسن شامل هئا.

چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ جوڙيل لارجر بئنچ جي آخري ٻڌڻي ۾ چيف جسٽس پنهنجي رٽائرمنٽ ويجهو هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ نئين بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏنو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *