Thursday , March 28 2024

پاناما پيپرز ۾ آفشور ڪمپني جي مالڪ عبدالستار ڏيرو ۽ سندس گهر ڀاتين خلاف جاچ شروع

تصوير ۾ نظر ايندڙ سنڌي ٽوپي ۽ شلوار قميص پهريل عبدالستار ڏيرو-فائل فوٽو

ڪراچي (اصغر آزاد     سنڌ سماءَ چار) دبئي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪندڙ، مبينا طور آصف زرداري جي فرنٽ مين طور مشهور ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار ڏيرو خلاف جاچ شروع شروع ڪئي  وئي آهي. نيب اختيارين موجب، ستار ڏيرو جي به آفشور ڪمپني آهي. آفشور ڪمپني اسٽيون ايج انويسٽمينٽ لميٽيڊ نالي ڪمپني ۾ سندس گهرواري سميت ٻين گهر ڀاتين جا شيئرز/حصيداري آهي ۾ شامل آهن، جن خلاف به نيب  جاچ ڪندي.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي پورٽ قاسم اٿارٽي عبدالستار ڏيرو آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون ٺاهيون، ڊي جي طور اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ سرڪاري خزاني کي به گهاٽو پهچايو. هن جي آفشور ڪمپني آهي، جنهن جي سيڙپڪاري ۽ ملڪيتون اربين رپين ۾ آهن. عبدالستار ڏيرو جي آفشور ڪمپني ۾ جيڪي حصيدار آهن انهن ۾ زاهده ڏيرو، فواد ستار ڏيرو ۽ عبدالستار ڏيرو شامل آهن.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته، ستار ڏيرو جون سندس مٽن مائٽن جي نالي تي، ڪراچي ۾ ڊفينس، گلشن اقبال ۽ گلشن حديد کانسواءِ لاڙڪاڻو ۽ حيدر آباد ۾ به ملڪيتون  آهن، جن بابت به انڪوائري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي ملڪيتون جن ماڻهن جي نالن تي آهن، انهن جي آمدني انهن ملڪيتن سان برابري نه ٿي رکي.

Status: Active

The Panama Papers data is current through 2015

Countries:
United Kingdom

Source: Panama Papers

Address: PATERNOSTER HOUSE 65 ST PAUL’S CHURCHYARD EC4M 8AB LONDON UNITED KINGDOM

Jurisdiction: BVI (British Virgin Islands)

Connections

From Type To
 LUBBOCK FINE (LONDON) Intermediary of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED
 ZAHIDA DERO Shareholder of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED
 FAWAD SATTAR DERO Shareholder of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED
 FAHAD SATTAR DERO Shareholder of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED
 Abdul Sattar Dero Shareholder of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED
 STEVENAGE INVESTMENTS LTD Shareholder of  DESTINY INVESTMENT DEVELOPMENT LIMITED

 

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *