Thursday , April 25 2024

“پاناماليڪس ججز” وارو طعنو برداشت نه ڪنداسين: چيف جسٽس ثاقب نثار

“پاناماليڪس ججز” وارو طعنو برداشت نه ڪنداسين: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسان ڪنهن جج صاحب کي پيش ٿيڻ لاءِ نه چونداسين ڪو پاڻ اچي ٿو ته سدا اچي:چيف جسٽس

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) جوڊيشل ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو سمورو رڪارڊ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته، پاناما ليڪس ججز وارو طعانو برداشت نه ڪنداسين، اسان کي خبر آهي ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس فرخ عرفان خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي سپريم جوڊيشل ڪائونسل کليل عدالت ۾ ڪئي، جنهن دوران چيف جسٽس وڪيل حامد خان سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي اهو طعنو نه ٻڌڻو پوي ته عدليه ۾ پاناماليڪس جا جج ويٺل آهن. اسان چيف جسٽس صاحبان کي طلب ڪرڻ نه ٿا چاهيون جيڪڏهن ڪو جج صاحب پاڻ اچڻ چاهي ٿو ته پيش ٿي سگهي ٿو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فرخ عرفان جو نالو به پاناما ليڪس ۾ آف شور ڪمپنيون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ شامل هو. جسٽس فرخ عرفان خلاف ريفرنس چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني جوڊيشل ڪائونسل ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. ريفرنس جي ٻڌڻي دوران جسٽس فرخ عرفان جي وڪيل حامد خان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو حلفي بيان پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته حامد خان اوهان اڳوڻن چيف جسٽس کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ چاهيو ٿا، اسان معتبر ججز کي نه گهرائينداسين، جيڪڏهن اوهان انهن کي وٺي ٿا اچو ته اعتراض ناهي. جسٽس گلزار احمد چيو ته حامد خان! اوهان جسٽس فرخ عرفان بابت وڪيلن جا حلفي بيان ڏئي رهيا آهيو، ڇا اِهو مناسب آهي؟

وڪيل حامد خان چيو ته جسٽس فرخ عرفان تي اهو به الزام آهي ته هو ٻڌڻي دوران ڪاوڙجي پوندو آهي، تنهنڪري ان جي ساٿي جج اسد منير جو حلفي بيان پيش ڪري رهيو آهيان. لاهور هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس اسد منير به سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته جسٽس فرخ عرفان بابت حلفي بيان منهنجو آهي. چيف جسٽس چيو ته حامد خان! جن وڪيلن حلفي بيان ڏنو آهي اهي سڀ جج صاحب جي لاير فورم جا ملازم آهن ۽ مان سوچي رهيو آهيان ته حلفي بيان ڏيندڙ وڪيلن بابت هڪ لفظ به لکي ڇڏيو ته سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو، داٻا نه ڏئي رهيو آهيان، هيءَ ڪيڏو وڏو رسڪ کڻي رهيا آهن. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جسٽس فرخ عرفان جي رپورٽڊ ڪيسن جي فهرست طلب ڪري ورتي. چيف جسٽس چيو ته سولو سوال آهي پئسو جائز طريقي سان ڪمايو ۽ جائز طريقي سان ٻاهر منتقل ڪيو؟ رڳو ايمانداري جو ثبوت ڏيڻو اٿئو. جسٽس ثاقب نثار حامد خان کي چيو ته اوهان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي آڻڻ گهرو ٿا ته وٺي اچو، پر افتخار چوڌري حلفي بيان ۾ رڳو اهو چيو آهي ته فرخ عرفان سٺو ماڻهو آهي، جيڪڏهن افتخار صاحب کان پڇا ڪجي ته اوهان کي آف شور ڪمپنين بابت ڄاڻ آهي ته هو لاعلمي ظاهر ڪندو. سپريم جڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي اڄ شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *