Friday , April 19 2024

پارا چنار سانحو: شهيدن جو انگ 67 ٿي ويو،دهشتگردي جي پيرا افغانستان ڏانهن وڃن ٿا،اسان جي قربانين کي نظر انداز ڪيو ويو: آرمي چيف

parachinar hospital

پاراچنار سانحي جي شهيدن جو انگ 67 ٿي ويو، 300 زخمي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي، پارا چنار سميت ملڪ سوڳ ۾ آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، عسڪري قيادت پاران دهشتگردي جي تازن واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف بهترين جنگ وڙهي آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسٽيڪ هولڊر دهشتگردي خلاف وڌيڪ ڪم ڪن. ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن جا پيرا افغانستان سان ملن ٿا.

پاراچنار جي طوري بازار ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 34 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته ڪالهه وڌيڪ 33 زخمين زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد شهيدن جو انگ 67 ٿي ويو، جڏهن ته 300 زخمين کي هنگو ۽ پشاور سميت مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي پئي. انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ سانحي بعد شهر مڪمل طور بند رهيو، پاراچنار ۾ موبائل فون سروس ٻئي ڏينهن به معطل رهي، ٻئي طرف شهيدن جي گهرن ۾ سوڳ ڇانيل آهي، متاثر خاندانن جون عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، مارجي ويلن جي تدفين دوران هر اک آلي رهي. ٻي طرف ڪوئيٽا ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي فوت، شهيدن جو انگ 14 ٿي ويو، 3 اهلڪاراڃا تائين گم آهن، جن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. پشاور جي گلستان روڊ تي آءِ جي پوليس جي آفيس ويجهو آپگهاتي ڪار بم ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل جان محمد سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، جڏهن ته ايس ايڇ او جي فرياد تي آپگهاتي ڌماڪي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ شاهدين جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي جاچ لاءِ 5 رڪني فرانزڪ ٽيم به لاهور کان ڪوئيٽا پهچي وئي، ٻئي طرف شهر ۾ فضا سوڳوار بڻيل رهي.

 دهشتگردي جي پيرا افغانستان ڏانهن وڃن ٿا، افغانستان کان ”ڊو مور“ جو مطالبو ٿيڻ گهرجي، ٻيون ڌريون به ڊور مور ڪن: آرمي چيف

Army chief

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگردي خلاف بهترين جنگ وڙهي آهي، هاڻي وقت آهي ته اسٽيڪ هولڊر دهشتگردي خلاف وڌيڪ ڪم ڪن، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي تازن واقعن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون.پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي حصي کان وڌيڪ وڙهيو آهي، هاڻي افغانستان جو وارو آهي، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، آرمي چيف چيو ته نائين اليون کانپوءِ پاڪستان تمام گهڻو متاثر ٿيو، اسان دهشتگردي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون پر ان باوجود اسان جي قربانين کي صحيح انداز ۾ تسليم نه ڪيو ويو ۽ نظرانداز ڪيو ويو، آرمي چيف چيو ته قربانين باوجود اسان کان ڊو مور جو مطالبو ڪيو ويو پر هاڻي افغانستان سميت ٻيون ڌريون ڊو مور ڪن، هن چيو ته اسين پنهنجي زمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.

اجلاس کان اڳ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي تازن واقعن جو تعلق افغانستان ۾ محفوظ پناهگاهن سان آهي، پاڪ-افغان سرحد تي نگراني ۽ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني طور تي سرحد پار ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف گهرو وزارت جي ترجمان مطابق ڇنڇر تي گهرو وزير چوڌري نثار ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد سعيد، آءِ جي ايف سي بلوچستان ميجر جنرل نديم احمد انجم ۽ پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل بلال اڪبر سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪوئيٽا، پارا چنار ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ انهن واقعن بابت سامهون ايندڙ شاهدين جو تفصيل حاصل ڪيو.

چوڌري نثار علي خان چيو ته عيد کان 2 ڏينهن اڳ دهشتگرد ڪاررواين جو مقصد سيڪيورٽي جي حوالي سان غير يقيني جهڙي ڪيفيت پيدا ڪرڻ ۽ افراتفري پکيڙڻ آهي پر اهڙين بزدلاڻين ڪاررواين سان نه ته قوم جو حوصلو متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي دهشتگردن خلاف اسان جون ڪاوشون ڪنهن طور گهٽ ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته رياست پاڪستان طرفان اهڙين ڪڌين ڪاررواين جو جواب پر عزم طريقي ۽ مڪمل طاقت سان ڏنو ويندو. اها انتهائي ڳڻتي واري ڳالهه آهي ته افغانستان ۾ ٿيندڙ ڪنهن به واقعي کي بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان سان ڳنڍيو ويندو آهي. سي جي ايس سان ڳالهائيندي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان سان گڏيل سرحد تي قانوني طور تي اچ وڃ لاءِ مقرر ڪيل ڪراسنگ پوائنٽس کي جڏهن کوليو ويندو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ اضافو ٿي ويندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *