Tuesday , April 16 2024

پابندي هيٺ آيل تنظيمن جا پنجاب ۾ مدرسا ۽ مسجدون تحويل ۾ وٺڻ جو سلسلو جاري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت جي حڪم تي پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي مسجدن، مدرسن ۽ اسپتالن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي حڪم تي پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري آهي، ميڊيا جي رپورٽن موجب پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ايڪشن ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ اڊيالا روڊ ۽ چاڪرا ۾ قائم ٻه فلاحي ڊسپنسرين ۽ جماعت الدوعوه جي ابوبڪر اسپتال کي سيل ڪيو ويو آهي، چاڪرا روڊ تي جماعت الدوعوه جو مدرسو به سرڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

فائل فوٽو

اسلام آباد ۾ به نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪندي انتظاميا پابندي مڙهيل تنظيمن جي انتظام هيٺ مسجدن ۽ مدرسن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب سرڪاري تحويل ۾ ورتل مسجدن ۽ مدرسن ۾ مسجد قبا، مدرسا خالد بن وليد، مدرسا ضياءِ القران شامل آهن، اهي سموريون مسجدون ۽ مدرسا اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ قائم آهي. اوقاف کاتي مسجدن جا نوان امام ۽ خطيب به مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن گهرو وزارت پابندي مڙهيل تنظمين خلاف ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊوزيئر ۾ شامل ماڻهن سميت پابندي مڙهيل تنظيمن جي 44 ڪارڪنن کي به گرفتار ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *