Thursday , March 28 2024

ٽن مهينن جي ورڪنگ، وزيراعظم عمران خان ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي، اهم انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) نون ليگ جي حڪومت پاران ڏنل ايمنسٽي اسيڪم جي سخت مخالفت ڪندڙ ۽ ان کي ٽيڪس چورن جي اسڪيم قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو وري ايمنسٽي اسڪيم ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته، گذريل ٽن مهينن کان هلندڙ ورڪنگ پيپر تيار ٿيڻ بعد وزيراعظم عمران خان ايمنسٽي اسڪيم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هلندڙ هفتي دوران ئي صدارتي آرڊيننس جاري ڪري لاڳو ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ ڳجهي طريقي سان غير قانوني ملڪيتون ٺاهيندڙن ۽ ناڻو منتقل ڪندڙن لاءِ قانوني سهولتون ڏيڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌسماءَچار جي اسلام آباد واري خاص نمائندي جي رپورٽ موجب، ناڻي واري وزير اسد عمر گذريل ٻن هفتن کان لاڳيتو ملاقاتون ڪري ايمنسٽي اسڪيم بابت بريفنگ ڏين دو رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم کان صلاح مشورا به وٺندو رهيو آهي. گذريل هفتي وزيراعظم حتمي طور تي ايمنسٽي اسڪيم جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي.

سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ لاءِ ناڻي واري وزير اسد عمر، عدالت پاران نااهل قرار ڏنل پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي ويجهي دوست جهانگير ترين، رزاق دائود، منشا گروپ آف ڪمپنيز جي مالڪ ميان منشاءَ، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت ترين، وفاقي وزير ۽ اڳوڻي نگران وزيراعظم محمد ميان سومرو،ٽجهانگير صديقي (جي ايس گروپ) جي ذميوارن، بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض، ڪجهه اهم حڪومتي ادارن جي اڳوڻن ذميوارن ۽ انتهائي بااثر موجوده ۽ رٽائرڊ ڪامورن، ملڪ جي وڏن واپارين ۽ صنعتڪارن جي شديد خواهش تي نئين ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. www.sindhsamaachar.com کي انتهائي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان مختلف واپارين، سيڙپڪارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج جي اهم واپارين سان اسلام آباد کانسواءِ ڪراچي، ڪوئيٽا جي دورن دوران به ملاقات ڪري چڪو آهي. جن کيس ايمنسٽي اسڪيم آڻڻ لاءِ راضي ڪرڻ لاءِ ان جي مختلف فائدن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو آهي ته هن ڀيري ايمنسٽي اسڪيم شروع ڪرڻ سان وڏي پئماني تي ٽيڪسز جي مد ۾ ملڪي خزاني ۾ وڏي رقم جمع ٿي سگهندي. www.sindhsamaachar.com  جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، اهو امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي ته ايمنسٽي اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندڙڻ لاءِ اها سهولت به مهيا ڪئي ويندي ته انهن ماڻهن جا نالا، ملڪيتن ۽ ناڻي جي ذخيرن کي راز ۾ رکيو وڃي. ذريعن موجب ان شرط تي پي ٽي آءِ جي ڪجهه اهم اڳواڻن ۽ ايف بي آر جي ذميوارن سخت اعتراض واريا آهن. ايمنسٽي اسڪيم جي سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان جي تجويز تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايمنسٽي ڏيڻ جي سلسلي ۾ صدارتي آرڊيننس جاري ڪندو، جيڪو 45 ڏينهن جي لاءِ هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *