Saturday , April 20 2024

ٽنڊو محمد خان واسي ڪرونا متاثر فوت، ملڪ ۾ فوتين جو انگ 32۽ متاثرن جو انگ 2286 ٿي ويو

ٽنڊو محمد خان واسي تبليغي مرڪز حيدرآباد مان واپس آيل ڪرونا متاثر فوت

ملڪ ۾ فوتين جو انگ وڌي 32ٿي ويو، سنڌ ۾ 34 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪرونا جي مريضن جو سرڪاري انف 734ٿي ويو

حيدرآباد/ٽنڊومحمدخان ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڄامشورو جي لمس اسپتال ۾ داخل ڪرونا متاثر هڪ مريض حياتي وڃائي ويٺو، فوتي منظور احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان شهر جي نصيرآباد پاڙي جو رهواسي ۽ تعليم کاتي جو رٽائرڊ ملازم هو.65 سالن جي منظور احمد ميمڻ کي 28 مارچ تي ڪرونا وائرس جي تصديق ٿئي هئي، جنهن بعد کيس ڄامشوري جي لمس اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ رکيو ويو آهو، جتي اڄ هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، ٽنڊي محمد خان جي نصيرآباد پاڙي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته منظور ميمڻ تبليغي مرڪز رائينونڊ ويو هو، جتان واپسي بعد حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ قائم تبليغي مرڪز نور مسجد ۾ ترسڻ کانپوءِ واپس گهر آيو هو، علائقي واسين جي دعويٰ مطابق منظور ميمڻ علائقي جي مسجد سميت اوڙي پاڙي ۾ به ڪافي ماڻهن سان ملاقاتون ۽ سندن دعوتن به کاڌيون هيون، جنهن سبب علائقي ۾ خوف واري ڪيفيت آهي، علائقي واسين چيو آهي ته صحت کاتي جي لاپرواهي سبب سندن علائقي جي ماڻهن جي ڪرونا اسڪريننگ ناهي ڪئي وئي. سنڌ سميت پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو مجموعي طور انگ وڌي 2 هزار 286 ٿي ويو آهي، ڪرونا جي موجوده صورتحال ۽ اڄوڪن ڪيسز جي تصديق کانپوءِ پنجاب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، پنجاب ۾ جموعي طور ڪرونا متاثرن جو مجموعي طور سرڪاري انگ 845 ٿي ويو آهي، ڪرونا سبب ملڪ ۾ سنڌڏ ٻئي نمبر تي متاثر ٿيو آهي، سنڌ ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق متاثرن جو انگ 7 سئو 43 ٿي ويو آهي. اهڙي طرح ڪي پي ۾ 23، گلگلت ۾ 3، بلوچستان ۾ 5 ۽ اسلام آباد ۾ وڌيڪ 4 ڪيس سامهون اچڻ بعد هيل اڄوڪي ڏينهن دوران 69 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *