Friday , April 19 2024

ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ 13 ڪروڙن جي مبينا ڪرپشن، رڪارڊ به گم، نيب به پريشان

خيرپور ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ 13 ڪروڙ رپين جي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، نيب ٽيم پاران ناري تعلقي جي ٽائون ڪميٽي چونڊڪو جي آفيس تي ڪجهه ڏينهن اڳ هنيل ڇاپي دوران هٿ ڪيل رڪارڊ اڻپورو هجڻ ڪري نيب جي جاچ ٽيم کي جاچ ۾ مونجهارا پيش اچي رهيا آهن. سنسڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق مڪاني ادارن جي چونڊن بعد ٽائون جي چونڊيل نمائندن کي رڪارڊ ۾ حوالي ڪيل 17 ڪروڙن مان 13 ڪروڙ رپين جو ڪو به رڪارڊ نه ملي سگهيو آهي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق مڪاني ادارن جي ٿيل چونڊن کانپوءِ اڳ مقرر ڪيل ائڊمنسيٽريٽر عبدالغفار ڌامراهه ٽائون جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ بچت پيل 17 ڪروڙ رپيا چونڊيل عوامي نمائندي ۽ ٽائون چيئرمين ممتاز آرادين جي حوالي ڪيا هئا. جيڪا رقم خيرپور شهر ۾ هڪ بئنڪ ۾ پيل هئي. سنڌ سماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق تڏهوڪي تائون ائڊمنسٽريٽر عبدالغفار ڌامراهه پاران ڇڏي 17 ڪروڙ رپين واري رقم مان لڳ ڀڳ 4 مهينا اڳ تائين تقريبن 3 ڪروڙ رپيا وڃي بچي آهي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، ملازمن جي پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ الڳ سان ماهوار بنيادن تي ٽائون کي جيڪا بجيٽ ملندي رهي ٿي اها انهن 17 ڪروڙ رپين کان الڳ آهي. ٽائون ڪميٽي کي مالي سال 2017-18 جي بجيٽ ۾ چونڊڪو ٽائون ڪميٽي لاءِ رکيل رقم  به ان رقم مليل رقل به الڳ آهي.

ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب ٻه ڀيرا ڇاپو هڻي چڪي آهي. آخري ڀيرو 4 ڏينهن اڳ نيب جي ٽيم ٽائون آفيس تي ڇاپو هنيو ته اتي موجود ڪجهه ملازم ڀتيون ٽپي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا، جڏهن هڪ پٽيوالو اتي موجود هو. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب نيب جي ٽيم ۾ شسامل هڪ سينئر عملدار، ٽائون چيئرمين ممتاز آرادين سان فون تي رابطو ڪيو ۽ کيس آفيس اچڻ جو چي، جنهن تي ممتاز آرادين اچڻ جو چيو پر نيب ٽيم جي ڪافي دير تائين انتظار ڪرڻ باوجود هُو نه پهتو، جنهن بعد ٽيم واپس رواني ٿي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب کي ٽائون ڪميٽي چونڊڪو ۾ ترقياتي فنڊز جي خرچ سميت ٻين فنڊز جو مڪمل رڪارڊ ناهي ملي سگهيو. نيب مڪاني ادارن جي چونڊن بعد چونڊيل عوامي نمائندن جي وقت جو به رڪارڊ نه ملي سگهيو. آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄڻ موجب ٽائون ڪميٽي چونڊڪو جي رڪارڊ سنڀالڻ ۽ ان ۾ فائيلز جو پيٽ ڀرڻ لاءِ لوڪل گورنمينٽ کاتي جو هڪ معطل ملازم ڪري ڪري رهيو آهي. جيڪو مخالف ڌر جي هڪ ايم پي جي آشيرواد سان خيرپور ضلعي جي وڌيڪ ٻن ٽاٽائون ڪميٽي چيئرمين سنڀالي رهيو آهي. ذريعن جو ان شخص جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ ٻڌايو ته اهو مڪاني ادارن واري کاتي جي سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ خيرپور ضلعي جي ڪنگري تعلقي ۾ مقرري دوران ڪرپشن الزامن هيٺ معطل به ٿي چڪو آهي.

لاڳاپيل نيوز جي لنڪ

www.sindhsamaachar.com/2017/11/02/%D9%86%D9%8A%D8%A8-%D8%AC%D9%

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *