Wednesday , April 24 2024

ٻاويهين گريڊ ۾ ترقي نه ملڻ تي ايڊيشنل آءِ جي سنڌ غلام قادر ٿيٻو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) سينارٽي باوجود 21 هين مان 22 هين گريڊ ۾ ترقي نه ملڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ تي، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس (اَي آءِ جِي پي) غلام قادر ٿيٻو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت درخواست تي شنوائي کانپوءِ  سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري، هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سميت لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. اَي آءِ جي پوليس غلام قادر ٿيٻو جي 22 گريڊ ۾ ترقي ۽ سندس آءِ جي طور مقرري واري درخواست تي وفاقي ڪابينا جي سيڪريٽري، هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غلام قادر ٿيٻو جي درخواست تي ٻڌڻي  ٿي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پاران اڳ ۾  2 بورڊ جوڙيا ويا پر ان ۾ کيس ترقي ڏيڻ کان نظر انداز ڪيو ويو. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جڏهن پهريون بورڊ جوڙيو ويو ته غلام قادر 12هين نمبر تي هو پر 13 ۽ 14 هين نمبر واري کي ترقي ڏني وئي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ حڪومت ٻيهر بورڊ جوڙي رهي آهي، ان ۾ غلام قادر ٿيٻو جو نالو شامل ڪيو وڃي .عدالت اهڙي درخواست تي وفاقي ڪابينا جي سيڪريٽري، هاءِ پاورڊ سليڪشن بورڊ، سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ۽ ٻين واسطيدار عملدارن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *