Wednesday , April 24 2024

ٺٽي سول اسپتال ۾ ٻارڙي تڙپندي تڙپندي فوت، ”ڊاڪٽر صاحبان“ نه آيا

سول اسپتال ٺٽو جي ڊاڪٽرن جي شڪي لاپرواهي، 11 مهينن جي ٻارڙي علاج نه ٿيڻ سبب فوت، ٻن ڊاڪٽرن خلاف ڪيس داخل

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار ) سول اسپتال مڪلي ۾ ڊاڪترن ۽ انتظاميا جي شڪي لاپرواهي جي نتيجي ۾ 11 مهينن جي نياڻي آيت فاطما علاج نه ٿيڻ جيڪري اسپتال ۾ ئي فوت ٿي وئي، ٻارڙي جي وارثن شهرين جي  ڊاڪٽرن خلاف احتجاج ٻن ڪلاڪن جي احتجاج بعد ڪيس داخل ٿيڻ تي احتجاج ختم ڪيو ويو. ٻارڙي آيت فاطما جي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته طبي سهولت نه ملڻ ۽ ڊاڪٽر موجود نه هئڻ ڪري معصوم نياڻي فوت. هنن چيو ته، آيت فاطما جاکرو کي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. معصوم ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد مڇريل ماڻهن اسپتال ۾ ڀڄ ڊاھ ڪندي شديد احتجاج ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ وارثن دانهيو ته معصوم ٻارڙي کي بخار سبب اسپتال آندو ويو، ايمرجنسي شعبي ۾ مقرر ٿيل ٻئي ئي ڊاڪٽر غائب ھئا، جنھن ڪري معصوم نياڻي بنا علاج جي تڙپي تڙپي دم ڏنو. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ڊاڪٽرن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف نه ڪيو ويو ته احٽجاج جاري رهندو. اسپتال انتظاميه طرفان پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، پوليس اسپتال پھچي صورتحال تي ضابطو آندو ۽ انتظاميه معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي به خاطري ڪرائي. جنهن بعد وارثن احتجاج ختم ڪيو ۽ پوءِ فوتي نياڻي جي پيءُ يعقوب جاکرو جي فرياد تي اسپتال جي ٻن ڊاڪٽر ذوالفقار ۽ ڊاڪٽر محمود گَجو خلاف مڪلي ٿاڻي ڪيس داخل ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *