Saturday , April 20 2024

ٺٽو ۽ ملير ضلعن جا 90 کان وڌيڪ خالي ڪرائڻ جون تياريون، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت جو اعلان

ملير(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ٺٽي جي دنگ تي قائم 90 کان وڌيڪ ڳوٺ خالي ڪرائڻ جون تياريون شروع ٿي ويون آهن، ڪراچي انڊيجينس رائٽس الائنس جي پليٽفارم تان ڳوٺاڻن اجها خالي ڪرائڻ خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، نائين فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي هڻڻ جو اعلان. ڪراچي انڊيجينس رائٽس الائنس پاران احتجاج، ڳوٺاڻن جو ڪٺ، احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي ۽ ٺٽي جي دنگ ڌاٻيجي ۽ گهگهر ڦاٽڪ وارن علائقن ديهه گهارو اڻ سروي نمبر هڪ جي نبي بخش ڪلمتي ڳوٺ، الله ڏنو ڪلمتي ڳوٺ، پنهون ڪلمتي ڳوٺ، قبول ڪلمتي ڳوٺ، بچو ڪولهي ڳوٺ، هاشم ڪلمتي ڳوٺ، خير محمد ڪلمتي ڳوٺ، الله ڏنو خاناڻي ڳوٺ، سلمان بلوچ ڳوٺ، در محمد بلوچ ڳوٺ، حاجي عبدالله ڳوٺ، نظر محمد ڳوٺ، هاشم ميربحر ڳوٺ، هاشم مينڌرو ڳوٺ، حاجي خان ڪلمتي ڳوٺ، انور شاهه ڳوٺ، ساجن ڳوٺ، عيسو ڀيل ڳوٺ، عمر خاناڻي، علو ڪولهي ڳوٺ، الهداد ڳوٺ سميت 90 کان وڌيڪ ڳوٺن کي خالي ڪرائڻ خلاف ڪراچي انڊيجينس رائٽس الائنس پاران نبي بخش بلوچ ڳوٺ ۾ ڳوٺن جي چڱن مڙسن، سول سوسائٽي، جي اڳواڻن جو هڪ ڪٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي انڊيجينس رائٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري سيد خدا ڏنو شاهه، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، ايس اين پي اڳواڻ طارق خاصخيلي، ڳوٺن جي چڱن مڙسن، هوت خان ڪلمتي، پٺاڻ خان گبول، محمد اعظم ڪلمتي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪٺ سڏايو ويو.

ڪٺ کي خطاب ڪندي ۽ صلاحون ڏيندي ممتاز ملڪاڻي، الهداد ڪلمتي، امير بخش ڪلمتي، اڪرم ڪلمتي، عبدالرحمان ڪلمتي، گل حسن ڪلمتي، حاجي خان بلوچ، دادلو ڪلمتي، محمد يامين ڪلمتي، خدابخش ڪلمتي، اڪبر گبول، عادل شاهه، شيرين اعجاز کوکر، سرمد بروهي، نعيم کوسو، پير بخش قيصراڻي، اياز قيصراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هوت خان ڪلمتي چيو ته، اسين پنهنجي ڳوٺن ۾ صدين جا ويٺل آهيون.اسان جا ماڳ مڪان، تاريخي ورثا پنهنجا اباڻا ڪک ڪانا به تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت ڌاٻيجي ڀرسان 92 کان وڌيڪ ڳوٺن کي خالي ڪرائي انڊسٽريل زون ۽ ترقي جي نالي تي مقامي ماڻهن کي لڏائي ۽ بيگهر ڪري دربدر ڪيو پيو وڃي. اسين پنهنجا ماڳ مڪان، اباڻا ڪک ۽ ڪانا ڪنهن به صورت ۾ خالي نه ڪنداسين.

اڪرم ڪلمتي ۽ محمد خان ڪلمتي چيو ته اسان سان هر دور ۾ دوکا ڏيا آهن، ڪراچي پورٽ قاسم کان وٺي ڪي ٽي بندر تائين لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو پيو وڃي. ڌاٻيجي ڀرسان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو جي چيئرمين غلام قادر پليجو جي سوين ايڪڙ زمين آهي ان تي ته ڪا به فيڪٽري يا اسڪيم نه ٿي اچي پر جيڪي انهن جا ووٽر آهن انهن کان پنهنجا اباڻا ڳوٺ ۽ زمينون خالي ڪرايون پيون وڃن. هن چيو ته زمين ۽ ڳوٺ خالي ڪرائڻ جو ذميوار ڊي سي ٺٽو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين غلام قادر پليجو ۽ روينيو آفيسر نبي بخش ۽ پيپلز پارٽي جا حڪمران آهن. الاهي بخش بڪڪ چيو ته سنڌين کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ جيڪي منصوبا آهن انهن کي فوري طور تي روڪيو وڃي. سنڌين جي زمين تين وال ڪري ڌرتي ڌڻين کي بيگهر ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. اسين پر امن جدوجهد جاري رکنداسين. شيرين اعجاز کوکر چيو ته پنهنجن ڀائرن جي جدوجهد ۾ ڀينرون به گڏ آهيون. سنڌ سرڪار رحم ڪري ترقي جي نالي ۾ پنهنجن ماڻهن کي لڏائڻ جي مذمت ڪريون ٿا. عادل شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ روينيو ٺٽو جو رڪارڊ سڙيل ڏيکاري لکين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ هيراڦيري ڪئي وئي آهي. ڪو به رڪارڊ ناهي سڙيو صرف سنڌين سان ڪوڙ ڳالهائي ۽ ڌوڪو ڪري انهن کي اقيلت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ رهائشي منصوبا ۽ انڊسٽريل زون اڏيا پيا وڃن. ڪراچي انڊيجنئس رائٽس الائنس جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته سنڌي ماڻهن کي سڄي ڪراچي ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ته وري هاڻ اهو سلسلو ٺٽو ۽ بدين جي ساحلي پٽي تي شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هي سياسي مسئلو آهي ان ڪري اسان جي ماڻهن جو تحفظ ڪيو وڃي. پنهنجن ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته ڪراچي ٺٽو جي زمينن تي ٿيندڙ والار خلاف 9 فيبروري ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *