Friday , March 29 2024

ٺاروشاهه ۽ لاڙڪاڻي جي اسڪولن ۾ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف شاگردن جو احتجاج

نوشهروفيروز/لاڙڪاڻو ( رپورٽرز  سنڌسماءَچار ) سنڌ حڪومت پاران تعليم جو معيار بهتر هجڻ ۽ اسڪولز ۾ سهولتن جا اعلان  سکڻيون دعوائون ثابت ٿيون آهن، لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام ڀٽو ۽ نوشهروفيروز جي ڳوٺ سعيد خان لنڊ گرلز پرائمري اسڪول ۾ استادن ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب مجبورن شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن ڌار ڏار احتجاجي مظاهرا ڪيا. لاڙڪاڻي جي ڳوٺ غلام ڀٽو جي بوائز اسڪول جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن هيڊ ماستر غلام مجتبيٰ ڀٽو، محمد بخش مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جناح باغ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙ استادن ۽ شاگردن دانهيندي چيو ته، ڳوٺ غلام ڀٽو جي اسڪول ۾ 500 شاگرد ۽ 300 شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، جن کي پڙهائڻ لاءِ رڳو 12 استاد مقرر ٿيل آهن. هنن چيو ته اسڪول ۾ فرنيچر ۽ پاڻي سميت ڪا به سهولت موجود نه آهي، جنهن ڪري ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن چيو ته تعليم کاتي، مقامي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪيترائي ڀيرا لکت توڙي زباني شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به دانهن ورنائڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ استادن جي کوٽ ختم ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ٺارو شاهه ۾ گرلز پرائمري اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن ۽ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺ سعيد خان لنڊ گرلز پرائمري اسڪول جي شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن محمد عرس، غلام شبير، خير محمد لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسڪول ۾ ماسترياڻي مقرر نه ٿيڻ ڪري، اسڪول 8 سالن کان بند پيل آهي، جنهن ڪري سندن نياڻيون تعليم جهڙي زيور کان محروم بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ ماسترياڻيون مقرر ڪري گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *