Saturday , April 20 2024

يو اي اِي سان معاهدي کانپوءِ اسرائيل جا ٻين عرب ملڪ سان به معاهدا ٿيڻ وارا

عرب رياستن سميت اهم مسلمان ملڪن سان معاهدا ٿيڻ وارا آهن، دنيا حيران ٿي ويندي: اسرائيلي وزيراعظم

لنڊن / دبئي (مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌ سماچار) اسرائيل جي گڏيل عرب امارات سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ معاهدي تي اڳڀرائي کانپوءِ وڌيڪ اهم ۽ طاقتور عرب رياست سان به ڳالهيون هلندڙ، اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته عرب رياستن سان هلندڙ ڳالهين ۾ يو اي اِي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جا نتيجا جلد سامهون اچي ويندا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس مطابق، اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته، يو اي اِي سان ٿيل ڪامياب معاهدي کانپوءِ مختلف عرب ملڪن سان ڳجهي نموني هلندڙ ڳالهيون ان وقت ب ه هلندڙ هيون جڏهن يو ي اِي ۽ اسرائيل جون ڳالهيون هلندڙ هيون، ڪامياب ڳالهين کانپوءِ يو اي اِي سان ڪامياب معاهدو ٿي ويو. هڪ ٻئي پرڏيهي خابرو اداري ٽي آر ٽي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي پهرين ڪمرشل مسافر جهاز جي گڏيل عرب امارات ڏانهن اڏام جي افتتاهي تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي نيتن ياهو چيو ته، اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا بهتر ڪرڻ ۾ يو اَي اِي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، مختلف عرب ملڪن/رياستن ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان ڳجهيون ملاقات ٿي چڪيون آهن، جن ۾ وڏي پئماني تي مثبت اڳڀرائي به ٿي آهي، جنهن جا نتيجا به جلد سامهون اچي ويندا ۽ دنيا حيران ٿي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *