Friday , March 29 2024

يار محمد رند ۽ علي حسن گاڏهي جا پٽ اغوا ٿين ها ته پوليس آفيسرن کي ورديون به هٿ نه اچن ها:سنڌ هاءِ ڪورٽ

sahil-korejo2

 سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو سرڪٽ بينچ ساحل ڪوريجو اغوا ڪيس ۾ پوليس اهلڪارن جي معطلي وارو حڪم هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته يار محمد رند ۽ علي حسن گاڏهي جا پٽ اغوا ٿين ها ته پوليس آفيسرن کي وردي به هٿ نه اچي ها، هي غريب جو ٻار آهي، تڏهن کين ڌڪا ٿا ڏيو، ساحل ڪوريجو هڪ مهيني اندر هٿ نه آيو ته ڪيس جي جاچ آءِ جي سنڌ حوالي ڪئي ويندي. جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس محمد سليم جيسر جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ ۾ معصوم ٻالڪ ساحل ڪوريجو جي اغوا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت پوليس جي ڪوششن تي ناراضگي جو اظهار ڪندي جي آءِ ٽي جي ميمبرن ڊي ايس پي يار محمد رند ۽ غلام عباس گاڏهي کي ڇنڊ پٽي. عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته يار محمد رند ۽ علي حسن گاڏهي جا پٽ اغوا ٿين ها ته اوهان کي وردي به هٿ نه اچي ها، هي غريب جو ٻار آهي، تڏهن کين ڌڪا ٿا ڏيو ، ڇا ساحل ڪوريجو کي زمين ڳهي وئي جو توهان بازياب نه ٿا ڪرائي سگهو؟ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ هڪ ڪلاڪ جو وقفو ڪري هنگامي طور تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي طلب ڪيو. وقفي کانپوءِ چيمبر ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عبدالله شيخ، اي آءِ جي ليگل غلام شبير، ايڊيشنل آءِ جي اسٽيبلشمينٽ نعيم احمد شيخ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻيا پوليس آفيسر پيش ٿيا. عدالت ڊي آءِ جي عبدالله شيخ جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ پوليس آفيسرن کي معطل ڪرڻ وارو حڪم هڪ مهيني لاءِ واپس ورتو ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته هڪ مهيني اندر ڪٿان به هٿ ڪري ساحل ڪوريجو کي پيش ڪيو وڃي. عدالت ان موقعي تي اهو به چيو ته جيڪڏهن پوليس هڪ مهيني اندر ساحل ڪوريجو کي هٿ نه ڪري سگهي ته ڪيس آءِ جي سنڌ حوالي ڪيو ويندو. ٻڌڻي دوران سندس ساحل ڪوريجو جو پيءُ ظهور ڪوريجو ۽ سندس والده سبحان خاتون پيش ٿيا. عدالت بعد ۾ ڪيس جي ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *