Saturday , April 20 2024

وڏي وزير مراد علي شاهه پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پراڻ شاخ جي تعريف، حقيقت ڪجهه ٻي نڪتي..!!!

جمڙائو ڪئنال – اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ 

ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌسماءَچار)  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اسيمبلي ميمبرز کي سنڌ ۾ ٿيل ترقي بابت پروجيڪٽر تي بريفنگ ڏني، جنهن دوران هن جمڙائو ڪئنال-اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ کي پڪو ڪرڻ واري فلم ڏيکاري، جنهن دورا وڏي وزير مخالف ڌر جي ميمبرن تي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي. پراڻ شاخ جنهن تي سوا ارب رپين کان وڌيڪ جي لاڳت آئي ۽ ان کي پڪو ڪري پاڻي وهيايو ويو. پاڻي وهائڻ جي ڪجهه ئي ڏينهن اندرپڪي ڪيل پراڻ شاخ هنڌان هڌان ٽُٽُي پئي. جيڪا بند ڪئي وئي ۽ جنهن ڏينهن وڏو وزير سنڌ اسيمبلي ۾ ان شاخ بابت بريفنگ ڏئي رهيو هو (گذريل سومر ڏينهن) ته ان وقت به اها شاخ بند هئي، ان ۾ پاڻي جي ٺنڀ به نه هئي.

ميرپورخاص (رپورٽر  سنڌسماءَچار) جمڙائو ڪئنال اوڀر مان نڪرندڙ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان ٺهيل پراڻ شاخ کي مختلف هنڌن کان سوين ڏار پئجي ويا، جنهن بعد شاخ کي بند ڪيو ويو آهي، زمينن کي کيڙڻ ۽ ڀاڻ جي مد ۾ خرچ ڪيل لکين رپيا آبادگارن جا ضايع ٿي ويا آهن. جمڙائو ڪئنال اوڀر مان نڪرندڙ پراڻ شاخ کي هڪ ارب ڏهه ڪروڙ جي لاڳت سان پڪو ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن بعد ئي سترهن مائل کان 20 مائل تائين سوين ڏار پئجي ويا، زمينن کي کيڙڻ ۽ ڀاڻ جي مد ۾ آبادگارن جا خرچ ڪيل لکين رپيا ضايع ٿي ويا، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن. ايس ڊي او حبيب الله برهماڻي ٺيڪيدار جي تعريف ڪندي چيو ته خير محمد مغيري تمام سٺو ۽ ڄاڻو آهي، پر هن تڪڙ ڪري ڪم ڪيو، جنهن جي ڪري شاخ ۾ پاڻي اچڻ بعد سليب ٽٽي پيا آهن. ايس ڊي او وڌيڪ چيو ته ٺيڪيدار کان ساڳين ئي پيسن ۾ شاخ جو ٻيهر ڪم ڪرايو ويندو. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار سموري سنڌ ۾ نوان روڊ ۽ پلون ٺهرائڻ کانسواءِ واهن ۽ شاخن جي لائيننگ به ڪرائي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *