Saturday , April 20 2024

”وڏي وزير رڳو آسرن ۾ رکيو، وزيرن چوڻ نه ڪيو“:آصف زرداري جو نئون پِٽِڻو

نوابشاهه ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اڳوڻي صدر ۽ پ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايندڙ حڪومت اسان ٺاهينداسين، پنجاب ۾ اڪثريت نه به ملي ته ڪنهن سان گڏجي حڪومت جوڙينداسين. نوابشاهه ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات دوران، ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته، سنڌ جي وڏي وزير (مراد علي شاهه) ڪڏهن آسرا ڏيندو رهيو ته، ڪڏهن وزيرن منهنجي چوڻ تي ڪم نه ڪيو. آصف زرداري جو ته، مونکي خبر آهي ته گذريل ٻن اڍائن سالن دوران ڪم ناهن ٿيا، هاڻي حڪومت ۾ اچي ڪم ڪنداسين. تقريب دوران ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته، پنجاب جي ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي، جيڪڏهن پنجاب ۾ پ پ اڪثريت حاصل نه ڪري سگهي ته پوءِ ڪنهن ڪنهن سان اتحاد ڪري حڪومت ٺاهينداسين ۽ سنڌ ۾ ته حڪومت وري به اسان جي هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *