Friday , April 19 2024

وڏي وزيرمراد علي شاهه ڪمند جي آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ کُتو جواب ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪمند جي آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ کان  کُتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، سنڌ سرڪار ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته شگرملز مالڪ آبادگارن کي ڪمند  جو مقرر ڪيل سرڪاري اگهه نه ٿا ڏين پر 130 کان 140 رپين تائين به وڏي مشڪل سان ڏنو پيو وڃي. اهڙو اظهار ڪمند جي سرڪاري اگهه ڏيارڻ ۽ شگرملز چالو ڪرائڻ واري مامري کي حل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي. اجلاس دوران آغا ظهير الدين وڏي وزير آڏو ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته سنڌ جون سموريون شگر ملز آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 رپين بدران 130 کان 140 رپيا في مڻ ڏئي رهيون آهن. وڏي وزير آبادگارن جو سبسڊي ڏيڻ وارو مطالبو رد ڪندي ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ۾ آبادگارن کي شگر ملز پاران ڪمند جو مقرراگهه نه ملڻ بابت وزير اعليٰ هائوس  ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آبادگارن، سنڌ جي ڪين ڪمشنر، زراعت واري صوبائي وزير سهيل انور سيال، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس  ڪين ڪمشنر وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کي آگاهي ڏني آهي ته سنڌ جون سموريون شگر ملز  آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 182 رپين بدران 130 کان 140 رپيا في مڻ ڏئي رهيون آهن. اجلاس ۾ شريڪ آبادگارن وڏي وزير کان ڪمند جي پوکائي تي سبسڊي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير آبادگارن جو سبسڊي ڏيڻ وارو مطالبو رد ڪندي کين بهتر اگهه ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن تي  اجلاس ۾ شريڪ آبادگارن خبردار ڪندي چيو ته ڪمند جي سرڪاري اگهه تي عملدرآمد نه ٿيڻ  جي صورت ۾ ڪمند جي پوکي نه ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *