Thursday , March 28 2024

ووٽ ۽ ووٽرز خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ رائٽرس اينڊ ٿنڪرز فورم جي سڏ تي، آغا سراج دراني خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ريلي کي سنڌ اسيمبلي طرف وڃڻ کان روڪڻ لاءِ رستا سيل ڪيا ويا. مظاهري ۾ شريڪ، شاعرن اديبن، فنڪارن ۽ صحافين پيپلز پارٽي ۽ آغا سراج درانيد خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي.

سنڌاسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني پاران ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي تڪ ۾ ووٽرز پاران شڪايتون ڪرڻ تي ووٽن ۽ ووٽرز لاءِ انتهائي گٿا لفظ ڳالهائڻ واري عمل خلاف بيدل مسرور، منظوور سولنگي، دستگير ڀٽي، سميع بلوچ، رزاق سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ڀرسان ڦُوهارا چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهرو ريلي جي صورت ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ڏانهن وڌڻ لڳو ته سوين پوليس اهلڪارن پريس ڪلب جي اڳيان وارو سرور شهيد روڊ ٻنهي پاسن کان مڪمل بند ڪري لٺ بردار پوليس اهلڪار ۽ واٽر ڪينن بيهاريا ويا ۽ مظاهرو ڪندڙن کي سنڌ اسيمبلي طرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. پوليس پاران ريلي کي ڦوهارا چوڪ سي اين جي اسٽيشن وٽ روڪيو ويو، جتي احتجاج ڪيو ويو.

احتجاجي مظاهري کي بيدل مسرور، منظور سولنگي ۽ ٻين خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو ڪسٽوڊين آف دي هائوس هجي ٿو، اسيمبيل قانون ساز ايوان آهي. هنن چيو ته آغا سراج دراني ڪئميرا آڏو پنهنجي ووٽرز ۽ انهن جي ووٽن جي جيڪا تذليل ڪئي آهي ان جو دنيا جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ مثال نه ٿو ملي. هنن چيو ته اسپيڪر نه رڳو ووٽرز ۽ انهن جي ووٽ جي تذليل ڪئي آهي پر اخلاقيات جون به ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن. جيڪڏهن اهڙي رويي جي رستا روڪ نه ڪئي وئي ته اهو انتهائي خطرناڪ عمل ثابت ٿي سگهي ٿو.

احتجاج ڪندڙڻ مطالبو ڪيو ته آغا سراج دراني کان ايم پي اي شپ تان هٽائي پ پ جي بنيادي ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *