Friday , April 19 2024

ووٽ جي طاقت سان ڀوتارن جي ظلم جا بت ڊاهي سگهجن ٿا: علي قاضي

ٺل(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) تبديلي پسندن جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته خلق خدا ايندڙ چونڊن ۾ ڀوتارن کي هارائي نئين تاريخ لکندي،ماڻهو ڀوتارڪي ذهنيت وارن داٻن جا سنگهر ٽوڙي اڳتي وڌي رهيا آهن، توهان ۽ اسان جي ڏکن سورن جو ڪارڻ ڏهاڪن کان خراب حڪمراني آهي، جنهن جو ووٽ وسيلي خاتمو آڻي سگهجي ٿو. ٺل ڀرسان ڳوٺ جونگل، ڳوٺ محبوب چنا، ڳوٺ سليمان سومرو، ميرپور ٻرڙو ۽ ٺل ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته آءُ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي ماڻهن کي سندن سور ڪو نه پيو ٻڌايان ڇو ته کين پنهنجن سورن جي پروڙ آهي، پر انهن کي ٻڌايان پيو ته سندن سورن جو ڪارڻ ڏهاڪن کان خراب حڪمراني آهي، جن جا پيرا 420 ڀوتارن ڏانهن وڃن ٿا.

علي قاضي جو چوڻ هو ته خلق خدا ايندڙ چونڊن ۾ ڀوتارن کي هارائي نئين تاريخ لکندي، ماڻهو ڀوتارڪي ذهنيت وارن داٻن جا سنگهر ٽوڙي اڳتي وڌي رهيا آهن. ايندڙ اليڪشن ۾ هر تڪ تي ڀوتارن جو مقابلو ڪيو ويندو، تبديلي پسند اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ سان، سنڌ مان خراب حڪمراني جو خاتمو آڻي سگهجي ٿو. ايندڙ چونڊن ۾ اڃا ڪجهه وقت آهي پر ان کان اڳ ئي اهو بحث ٿئي پيو ته اسان هِن کي کٽرايون يا هُن کي کٽرايون ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته آءُ اهڙي تبديلي چاهيان ٿو، جنهن ۾ عام ماڻهو جي حڪومت اچي، ڇو ته اسان وٽ بد کان بدتر تبديلي هر ڀيري ايندي رهي آهي پر ماڻهن جي قسمت تبديل ناهي ٿي. هن چيو ته خراب حڪمراني سبب سنڌ ۾ ڪرپشن 10 سيڪڙو کان وڌي 100 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا هاڻي ڪرپشن نه پر هڙپشن بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته تبديلي پسند اهڙي حڪومت آڻڻ چاهين ٿا جنهن ۾ سرڪاري اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ امير توڙي غريب کي هڪ جهڙي تعليم ۽ علاج ملي ۽ سنڌ کي جيئڻ جهڙو بڻائجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾هاڻي “ڀوتار نامنظور” جا نعرا گونجي رهيا آهن، جيڪا تبديلي جي نشاني آهي. ان موقعي تي تبديلي پسند اڳواڻ محبوب سومرو، مسعود وساڻ، خان صاحب محبوب مري، شاهنواز وساڻ، حاجي محمد اسماعيل چنا، محمد نواز سومرو، عبدالعزيز سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان کان اڳ تبديلي پسندن جو قافلو رحيم آباد ڀرسان پهتو ته سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ سوين گاڏين جي ريلي ۾ کيس جلسي گاهه آندو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *