Friday , March 29 2024

وفاق ۽ پنجاب حڪومت ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي موجودگي ۾ وفاق ۽ پنجاب حڪومت پاران، ڪراچي شهر کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ کان کتو جواب ڏيندي چيو آهي ته اهو معاملو سنڌ پنهنجي پاڻي مان پورو ڪري، پنجاب پنهنجي حصي مان هڪ ڍُڪ پاڻي جو نه ڏيندو، جنهن تي وزيراعظم به ٻُڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍي. سومر ڏهاڙي وزيراعظم هائوس ۾، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان  جي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اختيارين جي نمائندن به شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي مهيا ڪرڻ وارو معاملو اٿاريو ويو. جنهن تي پنجاب جي نمائندي، وفاقي حڪومت جي نمائندي پاڻي معاملي تي بحث بدران کتو جواب ڏيندي چيو ته، ڪراچي شهر کي پيئڻ جي پاڻي لاءِ ضرورتن مطابق پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ پنجاب جي حصي مان هڪ ڦُڙو به نه ٿو ڏئي سگهجي. هنن چيو ته، ڪراچي کي پيئڻ جي پاڻي جون سموريون ضرورتون سنڌ پنهنجي حصي مان پوريون ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *