Wednesday , April 24 2024

وفاق اين ايف سي ۽ ٽئڪس اوڳاڙين مان سڌيون ڪٽوتيون بند ڪري نه ته عدالت وينداسين:سي سي آءِ ۾ سنڌ جو اعلان

CCI PM Abbassi

اسلام آباد: گڏيل مفادن واري اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران، اين ايف جي حصي ۽ ٻين مَدَن ۾ وفاق کان سنڌ کي ملندڙ/ منتقل ٿيندڙ پئسن مان سنڌيو ڪٽوتيون ڪرڻ تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ذريعن موجب وڏي وزير وزيراعظم سميت لاڳاپيل اختيارين کي چتاءُ ڏنو ته، سنڌ کي منتقل ٿيندڙ رقم/ ڏوڪڙن مان سڌيون ڪٽوتيون ڪرڻ بند ڪيون وڃن. ذريعن موجب سنڌ جي وڏي وزير اجلاس ۾ وفاقي سرڪار کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌ جي حصي مان سڌيون ڪٽوتيون ڪرڻ وارو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته ٻي صورت ۾ اسان عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين. ذريعن موجب وڏي وزير جي اهڙي مطالبي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مراد علي شاهه کي پڪ ڏياري ته ان معاملي تي هو الڳ گڏجاڻي ڪندو، جنهن ۾ سنڌ ۽ ايف بي آر جي نمائندن کي دعوت ڏني ويندي ۽ جيڪڏهن سنڌ سان زيادتي ڪئي وئي آهي ته ان جو ازالو ڪيو ويندو.

NFC 1

ٻي طرف اجلاس دوران ڪراچي کي اضافي 1200 ڪيوسڪ پاڻي جي فراهمي وارو معاملو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ ايف بي آر پاران 6 ارب رپين جي ڪٽوتي، ڪراچي جي اضافي 1200 ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گئس جي ورڇ 18 هين آئيني ترميم تحت آرٽيڪل 153 تحت ڪرڻ سميت سنڌ جا ٻيا مطالبا به پيش ڪيا. جڏهن ته اجلاس ۾ صوبن ۽ وفاق وچ ۾ تڪراري معاملن هائيڊول پاور جي نفعي، نيشنل واٽر پاليسي ۽ ايل اين جي امپورٽ وارن معاملن تي پڻ تفصيل بحث ٿيو، وزيراعظم صوبن کي خاطري ڪرائي ته صوبن جا جيڪي به خدشا آهن انهن کي حل ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس ۾ ڪڇي ڪئنال جي ڪم ۾ ٿيل بدعنوانين بابت جاچ جو وزيراعظم حڪم ڏنو ۽ وزيراعظم چيو ته سمورين ترقياتي رٿائن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو، وزيراعظم 15 سيپٽمبر تائين جاچ مڪمل ڪري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ 18 ترميم کانپوءِ صوبن ۾ اهڙي قسم جي ادارن واري معاملي تي پڻ تفصيلي جائزو ورتو ويو، وزيراعظم سمورن صوبن کي هدايت ڪئي ته اهي اعليٰ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ اعليٰ تعليم کي عالمي معيار مطابق آڻڻ لاءِ ڪم ڪن، انس سلسلي ۾ تعليمي ادارن جي بنيادي ڍانچي ۾ بهتري آندي وڃي، وزيراعظم ان سلسلي ۾ صوبن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *