Friday , April 19 2024

وفاقي ڪابينا پيٽرول جا اگهه وڌڻ اطمينان جو اظهار، ايئرمارشل ارشد ملڪ 3 سال سي اي او رهندو

12هين جولاءِ تي رٽائرڊ ٿيندڙ ايئر مارشل ارشد ملڪ ٽن سالن لاءِ پي آءِ اي جو سي اي او هوندو

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي ڪابينا تازو تيل جي اگهن ۾ 25 رپين کان وڌيڪ واڌ واري حڪومتي فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان جي ساراهه ڪئي آهي، ڪا بيناايئرمارشل ارشد ملڪ کي پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي عهدي طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس بابت ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪابينا جي اجلاس دوران گذريل هفتي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 25 رپين کان وڌيڪ جي واڌ واري حڪومتي فيصلي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ان کي ساراهيو.

ڪابينا جي جي اجلاس ۾ پي آءِ اي جي موجوده سي ايو او ايئرمارشل ارشد ملڪ جي مدي ۾ واڌ واري ايجنڊا تي به غور ڪيو ويو، جنهن تي فيصلو ڪيو ويو ته ايئر مارشل ارشد ملڪ 12هين جولاءِ تي رٽائر ٿي رهيو آهي، ان تاريخ کان ايندڙ ٽن سالن لاءِ قومي ايئر لائينز جي سي اي او جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي ٿي اهڙي ايجنڊا جي وزيراعظم عمرانن خانن به منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس دوران وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي ۾ شڪي ڊگرين وارن پائليٽس واري معاملي جي جاچ جلد مڪمل ڪري کيس پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. ڪابينا پاران شڪي ڊگريون رکندڙ پائليٽس کي گرائونڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا پائليٽس جي شڪي ڊگرين واري معاملي جي جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *