Thursday , April 18 2024

وفاقي سرڪار 10 آگسٽ کان عملي طور لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سموري ملڪ ۾ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، مزارون کولڻ ۽ عرس جي تقريبن جي اجازت صوبائي حڪومتون ڪنديون

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ڪرونا جي وبا سبب ملڪ ۾ لاڳو لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هوٽل، شادي هالز، شاپنگ مالز سميت سمورو ڪاروهنوار 10 آگسٽ ۽ تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، ڪاروبار لاڪ ڊائون کان اڳ واري ٽائيم مطابق کلندو، وفاقي وزير اسد عمر اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته ڪرونا جي وبا تي ضابطو اچي ويو آهي، انڪري ڏهين آگسٽ کان سمورو ڪاروبار کوليو ويندو، ملڪ ۾ ريسٽورنٽس، ڪَيفي، سئنيما گهر، ٿيئٽر، پبلڪ پارڪس، تفريحي ماڳ، شاپنگ سينٽرز، ننڍيون وڏيون بازارون، 10 اگسٽ کان کوليون وينديون. وفاقي وزير چيو ته مزارون کولڻ ۽ عرس جي تقريبن جي اجازت جو فيصلو صوبائي حڪومت حالتن مطابق ڪنديون. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ايس او پيز تحت کولڻ جِي اجازت ڏني پئي وڃي، گاڏين ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي جازت نه هوندي ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تان پابندي ختم ڪئي پئي وڃي.. اسد عمر چيو ته ٽرينز ۽ جهازن تي محدود سفر جِي پابندي ختم ڪندي سيپٽمبر جَي آخر تائين محدود مسافر سفر ڪري سگهندا. وفاقي وزير چيو ته ڪوڏي ڪوڏي، ملهه ۽ باڪسنگ تي پابندي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو. اسد عمر تماشائين بنا سماجي فاصلي وارين راندين جون سرگرميون بحال ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *