Thursday , March 28 2024

وفاقي سرڪار ڄامشورو ڪول پاور اڏڻ کان نٽائڻ لڳي، عالمي مالياتي اداري جو وفاقي سرڪار تي ڏنڊ

Jamshoro coal power

وفاقي حڪومت پاران سنڌ سان مختلف ترقياتي منصوبن ۾ ٻه اکيائي ڪرڻ نئين ڳالھ نه آهي ۽ نه ئي ان ۾ ڪا گهٽتائي آئي. وفاقي سرڪار ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ڄامشوري ۾ عالمي مالياتي اداري ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي سهڪار سان بجلي گهر اڏڻ جو منصوبو رٿيو. جنهن تي 2013 ۾ ڪم شروع ٿيڻو هو پر، وفاقي سرڪار سنڌ سان روايتي سلوڪ روا رکندي ڄامشور ڪول پاور پروجيڪٽ تي وقت تي شروع نه ڪري سنڌ کي سيڌڻ وارو عمل ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. منصوبو وقت تي شروع نه ڪرڻ جي نتيجي ۾، عالمي مالياي اداري ايشين ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاران وفاقي حڪومت تي ڏنڊ به رکي ڇڏيو آهي.

ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب وفاقي سرڪار 3 سالن ۾ رڳو پراجيڪٽ وقت سر شروع نه ڪرڻ واري مامري تان 40 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ڀري چڪي آهي. ڄامشورو ۾ ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت کي ايشين ترقياتي بئنڪ قرض ڏيڻ جي منظوري ڏني. منصوبي مان مجموعي طور 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ لا ٻه يونٽ ٺهڻا هئا. پهريون 660 ميگا واٽ جو يونٽ 2018ع ۽ ٻيو يونٽ 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر 4 سال گذري وڃڻ باوجود ڪم شروع نه ٿيڻ تي ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ پراجيڪٽ تي خرچ ايندڙ ڪل رقم ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آحي جڏهن ان منصوبي لاءِ اي ڊي بي وفاقي سرڪار کي هن وقت تائين 900 ملين ڊالر جاري ڪري چڪي آهي.

مليل ڄاڻ موجب هن منصوبي تي 220 ملين ڊالر اسلامي ترقياتي بئنڪ ۽ 380 ملين ڊالر پاڪستان حڪومت خرچ ڪندي، ڄاڻ موجب وفاقي حڪومت پاران پراجيڪٽ وقت تي شروع نه ٿيڻ تي پراجيڪٽ تي سالانا 900 ملين ڊالر تي 0.15 ڏنڊ وجهي ڇڏيو آهي. جيڪو 2014ع کان سالانا ساڍا 13 ڪروڙ رپيا وفاقي حڪومت ڏنڊ طور ٽن سالن کان ڀري رهي آهي. اهڙي طرح وفاقي سرڪار گذريل 3 سالن دوران 40 ڪروڙ رپيا صرف ڏنڊ ڀري چڪي آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت هٿ وٺي منصوبي ۾ دير ڪري رهي آهي ته جيئن اهو منصوبو سنڌ مان منتقل ٿي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *