Friday , April 19 2024

وفاقي سرڪار آدمشماري تي سنڌ جا خدشا ختم نه ڪيا، اجلاس بنا نتيجي ختم

census PCZia ul Hassan Lanjar

اسلام آباد(خاص عيوضي سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار جي شماريات کاتي پاران آدمشامريءَ تي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ سڏايل اجلاس ۾، گهرن ۽ ڪٽنبن جي ڳڻپ واران بلاڪس بابت تفصيل ڏيڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جو قانون وارو وزير مايوس ٿي واپس موٽي آيو، ضياءَ لنجار چيو آهي ته جيڪڏهن اسان کي سنڌ ۾ ٻه فارم؛ هڪ آر اي اين بلاڪ ٽو ۽ ٻيو بلاڪ ڪوآرڊينيشن فارم نه ڏنا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

شماريات کاتي پاران آدمشماري بابت سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ شماريات کاتي ۾ اجلاس ٿيل اجلاس ۾ سنڌ طرفان ٽيڪنيڪل ٽيم جي سربراهه قانون واري صوبائي وزير ضياءُ لنجار ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق طرفان شماريات کاتي جي چيف آصف باجوه شريڪ ٿيو. اجلاس بابت سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب، سنڌ جي ٽيڪنيڪل ٽيم جا خدشا ختم ناهن ڪيا ويا ۽ اجلاس بنا ڪنهن نتيجي ختم ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ طرفان سوال اٿاريو ويو ته لاهور جي آبادي ڪيئن وڌي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي آهي، سنڌ پنهنجي طور آدمشماري ڪرائي هئي ته ان ۾ ڪراچي جا انگ اکر وڌيڪ هئا ۽ شماريات کاتي وٽ آبادي جا انگ بلڪل مختلف ڇو آهن؟ جنهن تي وفاقي ٽيم سنڌ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو ڪو به مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏنو. اجلاس بابت مليل معلومات مطابق، گڏجاڻي ۾ شماريات کاتي سنڌ کي لکت ۾ اعتراض ڏيڻ جو چيو ته جيئن وفاقي حڪومت ۽ وزارت کان معلوم ڪري اوهان کي جواب ڏئي سگهجي.

census image3census2

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي قانون ۽ انصاف واري صوبائي وزير ۽ آدمشماري بابت سنڌ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراهه ضياءُ الحسن لنجار ميڊيا کي ٻڌايو ته آدمشماري جي حوالي سان جيستائين اسان کي مطمئن نه ڪيو ويندو، اسان سنڌ جا اعتراض ختم نه ٿيندا، خدشا ختم نه ڪيا ويا ته مختلف آپشن موجود آهن، هن چيو ته شماريات کاتي سان ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي ٻي معمول واري گڏجاڻي هئي، جنهن ۾ شماريات کاتي اسان کي بريفنگ ڏني ۽ مختلف قدمن بابت اسان کي ٻڌايو ويو، هن چيو ته اسان شماريات کاتي کي لکت ۾ هڪ خط ڏنو آهي، جن ۾ انهن کان مختلف شيون گهريون آهن، هن ۽ خاص طور تي صوبائي حڪومت کي (آر اي اين ٽو فارم) ۽ ڪوآرڊينيشن بلاڪس فارم ڏنا وڃن ته جيئن اسان انهن جي پنهنجي طور تي چڪاس ڪري سگهون. ضياءَ لنجار چيو ته اسان شماريات کاتي کي چيو آهي ته هو هڪ هفتي اندر فارم تفصيل فراهم ڪن، ضياءُ لنجار وڌيڪ چيو ته آدمشماري جا نتيجا ڏسو ته لاهور جي آبادي 5.6 سيڪڙو جي حساب سان وڌي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي آبادي 5.4 سيڪڙو جي حساب سان وڌي آهي، جنهن تي اسان خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آدمشماري جا نتيجا ترتيب ڏيڻ وقت سنڌ جي نمائندگي شامل نه هئي، هن چيو ته اسان گڏجاڻي ۾ ڊاڪيومينٽ گهريا آهن، اسان وٽ شاهديون نه هونديون، ڪيس ڪيئن وڙهندا، ان موقعي تي صحافين پاران شماريات جي چيف کان سوال ڪيا ويا پر هو لنوائي ميڊيا ٽاڪ مان الڳ ٿي ويو ۽ چيو ته جن ميڊيا کي گهرايو آهي اهي ڳالهائين اسان جڏهن گهرايو ته ڳالهائينداسين، هن هڪ موقعي تي چيو ته وزارت کان پڇڻ کانسواءِ ڪو به فارم نه ٿو ڏئي سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *