Friday , April 19 2024

وفاقي حڪومت جي ٻه اکيائي، علم الدين بلو، غلام قادر ٿيٻو، شمس الدين سومرو ترقين کان محروم

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي هاءِ پاورڊ بورڊ پوليس گروپ جي سنڌ سان تعلق رکندڙ چئن آفيسرز کي نظر انداز ڪندي ڪليم امام کي 21 مان 22 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هاءِ پاور بورڊ جو اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ مختلف سروس گروپ جي گريڊ 21هين جي آفيسرن کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل هاءِ پاور بورڊ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي سيڪريٽري اعظم خان وزيراعظم جي اسٽبلشمينٽ ڊويزن بابت خصوصي معاون شهزاد ارباب، سڌارن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڪابينا ڊويزن جي سيڪريٽري احمد نواز سکيرا، اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري اعجاز منير ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق اجلاس ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ جي 10، پوليس گروپ جي ٻن، پرڏيهي سروس گروپ جي چئن، آڊٽ گروپ جي ٽن، انلينڊ سروس گروپ جي ٻن آفيسرن کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ تي غور ڪيو ويو، ذريعن مطابق هاءِ پاور بورڊ جي اجلاس ۾ وزيراعظم مختلف سروس گروپ جي 28 آفيسرن کي گريڊ 21هين مان گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني، ذريعن مطابق پوليس گروپ جي گريڊ 21هين جي 13 آفيسرن جي نالن تي ٻڌل سينارٽي وائيز لسٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي سنڌ سان تعلق رکندڙ پوليس جو گريڊ 21هين جو آفيسر غلام قادر ٿيٻو، ٻئين نمبر تي ڪيپٽن رٽائرڊ ظفر اقبال، ٽئين نمبر تي سيد امتياز الطاف، چوٿين نمبر تي ڪيپٽن رٽائرڊ محمد امين جا نالا شامل هئا پر ذريعن مطابق انهن چئني نالن کي باءِ پاس ڪندي آءِ جي موٽر وي ڪليم امام جنهن جو سينارٽي لسٽ ۾ پنجين نمبر تي نالو شامل هو ان کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي.

ڇهين نمبر تي موجود سنڌ سان تعلق رکندڙ پوليس گروپ جي گريڊ 21هين جي آفيسر ڊاڪٽر ثناءَ الله عباسي کي پڻ 22گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي، ستين نمبر تي علي ذوالنورين شيخ جو نالو هو، جنهن کي باءِ پاس ڪري سينارٽي لسٽ ۾ شامل اٺين نمبر تي ڊي جي ايف آءِ واجد ضيا کي پوليس گروپ مان گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، ذريعن مطابق پوليس گروپ جي ترقي لاءِ پيش ڪيل 13 ڄڻن جي سينارٽي لسٽ ۾ نائين نمبر تي ڊاڪٽر مجيب الرحمان خان، ڏهين نمبر تي آفتاب احمد پٺاڻ، 11هين نمبر تي محمد عالم محسود، ٻارهين نمبر تي عباس حسين ملڪ ۽ تيرهين نمبر تي معظم انصاري جو نالو شامل هو، اهڙي ريت پاڪستان ايڊمنسٽريٽو گروپ جي گريڊ 22هين ۾ خالي پيل 10 پوسٽن تي پاڪستان ايڊمسنٽريٽو گروپ جي مجموعي طور تي 43 آفيسرن جي نالن تي ٻڌل سينارٽي لسٽ غور لاءِ پيش ڪئي وئي، جن ۾ پهرين نمبر تي محمد مصباح، ٻئي نمبر تي ملڪ قيصر مجيد جا نالا هئا، انهن ٻنهي نالن کي بائي پاس ڪري بلوچستان ۾ چيف سيڪريٽري طور ڪم ڪندڙ ڪيپٽن رٽائرڊ فضيل اصغر کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، اهڙي ريت لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي علم الدين بلو، پنجين نمبر تي احمد حنيف اورڪزئي، ڇهين نمبر تي شمس الدين سومرو، ستين نمبر تي ڪيپٽن رٽائرڊ عابد حسين، اٺين نمبر تي تصفين خان، نائين نمبر تي محسن مشتاق چندانا، ڏهين نمبر تي اعجاز احمد خان، يارهين نمبر تي هارون احمد خان، ٻارهين نمبر تي ظفر نصر الله خان، تيرهين نمبر تي ظفر اقبال جا نالا شامل هئا، انهن کي باءِ پاس ڪري چوڏهين نمبر تي موجود ڊاڪٽر تنوير احمد قريشي کي ايڊمسنٽريٽو گروپ مان گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، پندرهين نمبر تي ڪيپٽن رٽائرڊ جاويد اڪبر کي باءِ پاس ڪري سورهين نبمر تي موجود اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري طور ڪم ڪندڙ ڊاڪٽر اختر نذير کي به گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، لسٽ ۾ سترهين نمبر تي موجود ڊاڪٽر راشد مسعود، اڙهين نمبر تي آمنه عمران خان، اوڻوهين نمبر تي ڪيپٽن منير اعظم، ويهين نمبر تي ساجد صديق جا نالا هئا پر ذريعن مطابق سينارٽي لسٽ جي 21هين نمبر تي موجود محمد صالح فاروقي کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏني وئي ، سينارٽي لسٽ جي 22هين نمبر تي موجود مهاتر نياز رانا کي به گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي ، جڏهن ته سينارٽي لسٽ جي 23 نمبر تي موجود توقير حسين شاهه، چوويهين نمبر تي ڊاڪٽر عصمت طاهره کي باءِ پاس ڪري خاقان بابر کي گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي ، اهڙي ريت ڇويهين نمبر تي موجود فرح حامد خان، ستاويهين نمبر تي سعيد احمد نواز، اٺاويهين نمبر تي بشريٰ امن، اوڻٽيهين نمبر تي حميرا امن، ٽيهين نمبر تي سڪندر قيوم، ايڪٽيهين نمبر تي شوڪت علي، ٻٽيهين نمبر تي ارم بخاري، ٽيٽيهين نمبر تي ذوالفقار حيدر خان، چوٽيهين نمبر تي عارف انور بلوچ، پنجٽيهين نمبر تي شير افغن خان، ڇٽيهين نمبر تي جمال يوسف، ستٽيهين نمبر تي شهزاد خان بنگش، اٺٽيهين نمبر تي نديم ارشد ڪياني، اوڻيتاليهين نمبر تي نويد الالدين، چاليهين نمبر تي عشرت علي، ايڪيتاليهين نمبر تي ڊاڪٽر افتخار علي، ٻائيتاليهن نمبر تي فرحان علي خواجه ۽ ٽيتاليهين نمبر تي شير عالم مسحود جا نالا شامل هئا، ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪسٽم گروپ مان زاهد کوکر کي گريڊ 21هين مان گريڊ 22هين ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ياد رهي ته اصولي منظوري بعد اسٽبلشمينٽ پاران ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا آهن جنهن بعد آفيسرن جي ترقي ٿيڻ تصور ڪيو ويندو آهي، اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي اجلاس جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ مليل اصولي فيصلي جي روشني ۾ ورڪنگ پيپر تيار ٿيندا جن جي حتمي منظوري ملڻ کانپوءِ ايندڙ هفتي ترقيون حاصل ڪندڙ ترقي جا حتمي نوٽيفڪيشن جاري ٿي سگهندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *