Friday , April 19 2024

وفاقي حڪومت جو پهريون فيصلو، پيٽرول پوڻان 2 رپيا ۽ ڊيزل سوا 6 رپيا سستو ٿي ويو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جا اگهه گهٽائي ڇڏيا، پيٽرول جو نئون اگهه 92 رپيا 83 پئسا ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏني وئي آهي.  وفاقي سرڪار پاران پيٽرول 2 رپيا 41، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 6 رپيا 37 پئسا ۽ گاسليٽ رڳو 46 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو. پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي بعد پيٽرول جو نئون اگهه 92 رپيا 83 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 106 رپيا 57 پئسا ۽ گاسليٽ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. ناڻي واري وزارت موجب لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ 59 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي جنهن بعد ان جو نئون اگهه 75 رپيا 96 پئسا ٿي ويو. پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات جو 12هين وڳي کان لاڳو ٿي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *