Friday , March 29 2024

وفاقي حڪومت آصف، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا

وفاقي حڪومت آصف، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري، مراد علي شاهه پرڏيهه نه وڃي سگهندا

اسلام آباد( سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پاران آصف زرداري، فريال ٽالپر، مراد علي شاهه ۽ انور مجيد سميت اي سي ايل ۾ شامل ڪيل 172 ڄڻن مان ڪنهن جو به نالو خارج نه ڪرڻ جو فيصلو، ڪابينا معاملو اي سي آيل بابت جائزه ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ڪميٽي سمورن نالن جو جائزو وٺڻ بعد رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪندي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جعلي اڪائونٽس بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ماڻهن جا نالا ڪڍڻ بابت غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ لسٽ بابت سپريم ڪورٽ جي رمارڪس تي به غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪنهن به شخص جو نالو فوري طور تي نه ڪڍڻ  جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اي سي ايل ۾ شامل نالا جائزي لاءِ گهرو وزارت جي نظرثاني ڪميٽي ڏانهن موڪليا وڃن، جنهن کي نالا خارج ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار هوندو.

جائزه ڪميٽي اي سي ايل ۾ شامل نالن تي هڪ هڪ نالي تي ڌار ڌار غور ڪري فيصلو ڪرڻ جي مجاز هوندي. اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو نالو گهرو وزارت جي ذريعي ايندو ته ان کي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويندو.  سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو هو ته اي سي ايل ۾ وڌل نالن جو جائزو ورتو ويندو، انڪري ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته انهن 172 ماڻهن جي اي سي ايل ۾ وڌل نالن جو معاملو جائزه ڪميٽي کي موڪليو ويو آهي، هن مطابق ڪميٽي جيڪي سفارشون ڏيندي انهن جي روشني ۾ ايندڙ اجلاس ۾ وڌيڪ غور ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪابينا ڳڙ جي ايڪسپورٽ تي لڳايل پابندي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان تي ڊيوٽي اڍائي سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

ناصر شاهه موسٽ فيورٽ، پ پ جو فارورڊ بلاڪ، حليم عادل شيخ ۽ فيڊيڊ نيوز – موڳو مٽر

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *