Friday , April 19 2024

وسيم اختر ۽ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم جا سڀ اڳواڻ دهشتگرد آهن: متحده جو اڳوڻو اڳوڻ جميل زاهد

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن جميل زاهد ڪراچي جي ميئر وسيم اختر جو سپريم ڪورٽ ۾ ڪالر/ڳچي مان پڪڙي چيو آهي ته، ڊاڪٽر فاروق ستار سميت سمورا اڳواڻ دهشتگرد آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن ميئر وسيم اختر جي ڪالر پڪڙي ميڊيا جي نمائندن، وڪيلن ۽ ٻين جي سامهون وڏي واڪي چيو ته، هي سڀ دهشتگرد آهن. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ پيش ٿيڻ بعد جيئن ئي ميئر ڪراچي وسيم اختر عدالتي ڪمري مان نڪتو ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ڪارڪن جميل زاهد کيس ڪالر مان جهلي ورتو، جنهن کي ماڻهن وچ ۾ پئي ڇڏايو. ان موقعي تي بيٺل پوليس اهلڪارن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن کي شديد تشدد جو نشانو بڻايو ۽ وسيم اختر وچ ۾ پئي کيس ڇڏرايو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جميل زاهد جو چوڻ هو ته وسيم اختر ۽ فاروق ستار سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا اڳواڻ دهشتگرد آهن. هن چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به هن ميئر ڪراچي سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هن مٿس تشدد ڪرايو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *