Friday , March 29 2024

وزيراعظم پاران ڪيڊ سميت 3 وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران وفاقي ڪابينا جو تڪڙُ اجلاس سڏائي ورتو آهي، اڄ جمعي ڏينهن شام جو ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪيڊ ختم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي منظور اڄوڪي اجلاس ۾ ڏني ويندي. وزيراعظم خميس ڏينهن هنگاميطور ڪاب ينا جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو جمعي ڏينهن شام جو 3 وڳي ٿيندو. وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائين. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، اجلاس ۾ سمورين وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اٿارٽيز جا لاڳاپيل عملدار به شرڪت ڪندا. عمران خان کي وزارتن بابت مڪمل بريفنگ ڏني ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته، وزيراعظم وفاقي ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي. ڪيڊ وزارت کي ختم ڪرڻ لاءِ طريقيڪار به جوڙيو ويو آهي، جنهن جو ڊرافٽ وزيراعظم عمران خان جي حوالي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ مليل معلومات مطابق، وزيراعظم 2 کان 3 وفاقي وزارتون ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي، ان ئي سلسلي جي پهرين ڪڙي طور ڪيڊ واري وزارت کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪيڊ واري وزارت کي ختم ڪري ان جي ماتحت مختلف ادارن / سيڪشنز کي ٻين کاتن جي انتظام هيٺ ڏنو ويندو يا وري وري الڳ سان خودمختيار ادارو اٿارٽي قائم ڪري ڪيڊ واري وزارت جا ڪجهه سيڪشنز کي ان اٿارٽي جي انتظام هيٺ ڏنو ويندو. ذريعن موجب ان سان گڏ ٻه وزارتون يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڌيڪ وزارت کي به ختم ڪري ان جا به ڪجهه سيڪشنز ان نئين اٿارٽي جي ماتحت ڏنو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *