Friday , April 26 2024

وزيراعظم پاران اٽي مهانگي ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ بعد اٽو 4 کان 6 رپيا مهانگو

ڪراچي( چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) وزير اعظم عمران خان پاران ملڪ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ جو نوٽيس وٺڻ بعد اٽو 4 کان 6 رپيا في ڪلو مھانگو ٿي ويو آهي. وزيراعظم پاران نوٽيس وٺڻ جي چوويهه ڪلاڪن اندر اٽي جي في ڪلو ۾ چار کان ڇھ رپيا مهانگو وڪرو ٿيڻ لڳو آھي. نوٽيس وٺڻ کان اڳ پنجاب ۽ ڪي پي ۾اٽو مھانگو ٿيو ھو، نوٽيس وٺڻ بعد سنڌ ۾ به اٽو مھانگو ٿي ويو آهي. فائن اٽي جو پنجاھ ڪلو وارو ٿيلھو  مھانگو ٿيڻ بعد 24 سئو مان وڌي 28 سئو رپيا ٿي ويو آهي. اٽي جي اگھن ۾ واڌ سبب مھانگائي سٽيل عوام جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *