Thursday , April 25 2024

وزيراعظم هائوس ۾ اجلاس! عمران خان جو هڪ وڌيڪ يوٽرن

وزيراعظم عمران خان يوٽرن وٺي واپس وزيراعظم هائوس پهچي ويو، مختلف اجلاسن جي صدارت

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) يوٽرن وٺندڙن اڳواڻ کي عظيم ليڊر قرار ڏيندڙ وزيراعظم عمران خان هڪ وڌيڪ يوٽرن وٺي ورتو آهي، وزيراعظم هائوس استعمال نه ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو پي ايم هائوس ۾ وفاقي ڪابينا ۽ پارٽي اڳواڻن جا اجلاس سڏايا ويا. وزيراعظم عمران خان عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اعلان ڪيو هو ته هُو وزيراعظم هائوس استعمال نه ڪندو پر اتي يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي، اهڙي اعلان جي لڳڀڳ هڪ سال کانپوءِ وزيراعظم عمران خان يوٽرن وٺندي، پي ايم هائوس جي وزيراعظم واري آفيس جي ڪميٽي روم ۾ وفاقي وزيرن، خاص معاونن ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ڌار ڌار اجلاس سڏائي انهن جي صدارت به ئي. وزيراعظم عمران خان ڪجهه عرصو هڪ ٽويٽ ۽ هڪ تقريب کي خطاب دوران چيو هو ته يوٽرن وٺندڙ سياستدان عظيم ليڊر هوندا آهن، پنهنجي پاليسي يا موقف تان يوٽرن وٺڻ عظيم ليڊر هجڻ جي نشاني آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *